بلاوائيو (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت فتح سان شروعات ڪندي آمريڪا کي ڇهن وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
بلاوائيو جي ڪوئنس اسپورٽس ڪلب ۾ عالمي ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
آمريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 36 هين اوور ۾ 107 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
آمريڪا جي بيٽنگ ۾ نتيش سُديني 36، ايڊنٽ جهمڀ 18، ساحل گَرگ ۽ ارجن مهيش 16-16 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي هِنل پٽيل پنج وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته دِپيش ديوندرن، آر ايس امبريش، کيلن پٽيل ۽ ويڀَو سورياونشي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڀارت 108 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، وڪيٽ ڪيپر بيٽر اڀِگيان ڪُنڊو 42، ڪپتان آيوش ماٿري 19، ۽ وِيهان ملهوترا 18 رنسون ٺاهيون.
آمريڪا طرفان رتوِڪ اپيدي ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاندار بالنگ لاءِ هِنل پٽيل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.