بِگ بيش ليگ ۾ ” سپر سب“ طرز جو نئون قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ٽي ٽوئنٽي ليگ بِگ بيش ۾ ” سُپر سب“ طرز جو نئون قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بِگ بيش ليگ جي ايندڙ ايڊيشن کان ” ڊيز گنيٽڊ بيٽر“ وارو قانون متعارف ڪرايو ويندو.
ان قانون تحت ٽاس کان اڳ ٻنهي ٽيمن وٽ اِهو آپشن هوندو ته جيڪڏهن هو چاهين ته پليئنگ اليون ڪنهن به بيٽر ئي ” ڊيز گنيٽڊ بيٽر“ طور نامزد ڪري سگهن ٿا.
جيڪڏهن ” ڊيزگنيٽڊ بيٽر“ نامزد ڪيو ويندو ته لازمي طور تي ان جي متبادل ” ڊيزگنيٽڊ فيلڊر“ جو نالو به ڏيڻو پوندو، جيڪو ميچ ۾ ” ڊيزگنيٽڊ بيٽر“ جي جاءِ تي فيلڊنگ ڪندو.
قانون تحت” ڊيز گنيٽڊ فيلڊر “ وڪيٽ ڪيپنگ ڪري سگهي ٿو پر کيس بالنگ جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.