اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ايران جي موجوده صورتحال کي 2023 ۾ پاڪستان جي حالتن سان ڀيٽيو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻيندڙ ۽ پاڪستان کي گاريون ڏيندڙن کي پناهه ڏيندڙ چاهيندا ته اهي ٻيهر اقتدار ماڻين، 9 مئي تي فوجي ملڪيتن تي حملو اهي ئي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش هئي.
هن چيو ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ به ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو هو پر فرق ڏسو ته اسان راتورات ان جي پائلٽ اڀي نندن کي ٻانهون ٻڌي واپس ڪري ڇڏيو هو، 2025 ۾ جڏهن ڀارت حملو ڪيو ته پاڪستان فتح جي تاريخ لکي ڇڏي، دنيا حيران ٿي وئي ته هي اهو ئي پاڪستان آهي، جنهن ڪجهه سال اڳ ڀارتي پائلٽ واپس ڪري ڇڏيو هو، پارليامينٽ کي به اهو ٻڌايو ويو هو ته اسان ڀارت سان جنگ جي رسڪ نٿا کڻي سگهون.
سندس چوڻ هو ته مئي 2025 ۾ اسان جي فوج الله جي مدد سان قوم کي ڳاٽ اوچو ڪيو، دشمن اڄ به تاڙ ۾ آهي، تنهن ڪري اسان کي سجاڳ رهڻو پوندو.
خواجا آصف چيو ته اهي ٻاهر ويٺل نالي ماتر پاڪستاني پاڪستان کي معاشي استحڪام کان پري رکڻ چاهين ٿا ۽ طالبان سان محبت ڀرين ڳالهين جا حامي آهن، اهي امن جا دشمن وطن کي محفوظ مستقبل کان پري رکڻ چاهين ٿا.
You might also like