نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مس انڊيا ۽ 2000ع جي شروعات ۾ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سلينا جيٽلي پنهنجي مڙس کان طلاق بابت پهريون ڀيرو خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
اداڪارا ٻڌايو ته هن جي شادي جي 15 هين سالگرهه تي طلاق ٿي ۽ مڙس تي جسماني ۽ ذهني تشدد، ٻارن کان جدا ٿيڻ ۽ اثاثن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام لڳايا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، سلينا جيٽلي 2011ع ۾ آسٽريا جي ڪاروباري شخصيت پيٽر هيگ سان شادي ڪئي ۽ بعد ۾ ٻاهرئين ملڪ منتقل ٿي وئي.
مداحن جو خيال هو ته هوءَ هڪ پرامن گهريلو زندگي گذاري رهي آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي، اداڪارا تصديق ڪئي آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس کان الڳ ٿي چڪي آهي ۽ مٿس جسماني ۽ ذهني تشدد جا الزام آهن.
سلينا جيٽلي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته طلاق جو فيصلو اوچتو نه هو، پر هوءَ سالن کان تشدد جو شڪار رهي ۽ نيٺ پنهنجي عزت نفس جي حفاظت لاءِ هن رشتو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان فيصلي جي سخت قيمت ادا ڪرڻي پئي ۽ پنهنجي ٻارن کان جدا ٿيڻو پيو.
اداڪارا پنهنجي جذباتي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته کيس آسٽريا مان رات جو دير سان پاڙيسرين جي مدد سان ٻاهر نڪرڻو پيو ۽ ڀارت واپس آئي، ان دوران هن کي ٻارن کي پوئتي ڇڏڻو پيو، عزت نفس لاءِ آواز بلند ڪرڻ دوران هن پنهنجي ٻارن کي به وڃايو.
هن چيو ته 11 آڪٽوبر 2025 جي رات اٽڪل هڪ وڳي مسلسل تشدد کان بچڻ لاءِ آسٽريا مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.
سلينا چيو ته جوائنٽ ڪسٽڊي جي عدالتي حڪم باوجود کيس پنهنجن ٻارن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي ۽ ٻارن تي جذباتي دٻاءُ وجهي کيس خلاف ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
اداڪارا ٻڌايو ته ڀارت واپس اچڻ کان پوءِ کيس پنهنجي گهر ۾ داخلا لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻو پيو، ڇو ته سندس مڙس ملڪيت تي دعويٰ ڪئي هئي ۽ ڊگهي قانوني جنگين سبب کيس مجبورن وڏا قرض کڻڻا پيا.
انسٽاگرام پوسٽ ۾ سلينا جيٽلي چيو ته شادي جي 15 هين سالگرهه جي موقعي تي مڙس کيس مقامي پوسٽ آفيس وٺي ويو، پر اتي کيس تحفي جي بدران طلاق جا ڪاغذ ڏنا ويا ۽ چيو ته هي سالگرهه جو تحفو آهي.
اداڪارا موجب، پنهنجي ٻارن جي خاطر ڪيترائي ڀيرا بنا جهيڙي جي ڌار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مطالبو ڪيو ويو ته پنهنجي ان ملڪيت تان به هٿ کڻان جيڪا وٽس شادي کان اڳ هئي ۽ اهڙيون شرطون قبول ڪيان جيڪي هڪ عورت ۽ ماءُ طور سندس آزادي ۽ ساکَ جي خلاف هيون.
ميڊيا رپورٽن موجب، سلينا جيٽلي هڪ ٻئي ڏچي ۾ ڦاٿل آهي، سندس ڀاءُ هن وقت گڏيل عرب امارتن جي هڪ جيل ۾ قيد آهي ۽ اداڪارا سندس لاءِ قانوني مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.
سلينا جيٽلي جي مشهور فلمن ۾ نو اينٽري، جانشين، ٽام، ڊيڪ اينڊ هيري ۽ ٿينڪ يو شامل آهن، هوءَ شاديءَ کانپوءِ بالي ووڊ ۽ ملڪ کان پري ٿي وئي هئي. پر هاڻي سندس ڏُک ڀري ڪهاڻي سندس مداحن ڏُکارو ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like