ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام بڻائيندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
ڊي پي او صاحبزادا سجاد احمد موجب رات دير سان دهشتگردن پوليس چيڪ پوسٽ کتي تي حملو ڪيو ۽ پوليس جي فوري طور جوابي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
هن ٻڌايو ته دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو، جنهن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
سندس چوڻ هو ته پوليس جوانن بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي حملي کي ناڪام بڻايو.
You might also like