لڄالٽ جي جوابدار جي ضمانت منظور، ڇا ڪڏهن ڪنهن کي رضامندي تي به سزا ٿي؟ جسٽس جمال مندوخيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ ريپ جي جوابدار مدثر جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
3 رڪني بينچ جي سربراهي جسٽس جمال خان مندوخيل ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت ڪيس ۾ ثبوتن ۽ جاچ جي معيار تي تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ ڪيس ۾ ڇوڪري ۽ جوابدار جي موقف ٻنهي تي غور ڪيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيترو سنگين الزام هيو ايتري ئي سنجيده جاچ به ٿيڻ گهرجي.
سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته جاچ ۾ ڇوڪري جوابدار جي گهر هجڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته جوابدار جي وڪيل چيو ته منهنجو اصيل الزام کان مڪمل انڪار ڪري رهيو آهي.
جسٽس ملڪ شهزاد چيو ته الزام ثابت ڪرڻ فريادي جو ڪم آهي جوابدار جو نه، جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڪوئي ڪوڙو الزام هڻي پنهنجو تماشو ڇو بڻائيندو؟
جسٽس جمال مندوخيل چيو اهڙا ڪيترائي واقعا ته رپورٽ به ناهن ٿيندا ۽ ميڊيڪل رپورٽ به جوابدار جي خلاف ناهي، سرڪاري وڪيل چيو ته ميڊيڪل ٻه مهينا دير سان ڪيو ويو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هر ڪيس ريپ جو ناهي هوندو، سرڪاري وڪيل چيو ته ماڻهو ڌيئرن جي عزت سبب چپ ٿي ويندا آهن.
جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته عورت پاڻ ريپ تسليم ڪيو ٻيو ڪهڙو ثبوت هوندو، جسٽس شهزاد ملڪ چيو ته رڳو ڇوڪريءَ جي شاهدي تي ته جوابدار کي سزا نٿا ڏئي سگهون.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا رضامندي جي ڪيس ۾ زبردستي جا قلم لاڳو ٿي سگهن ٿا؟ جيڪو ڏوهه هوندو ايتري ئي سزا ڏني ويندي.
واضح رهي ته جوابدار مدثر خلاف عورت جي پيءُ گذريل سال ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ ريپ جو ڪيس داخل ڪرايو هو.
سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ جوابدار مدثر جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهدين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.