نئين دهلي/لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آءِ سي سي سوڌو ميگا ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ ملڪن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي.
پاڪستان ٽيم هائبرڊ ماڊل تحت اڳواٽ ئي پنهنجون سموريون ميچون ڀارت بدران سريلنڪا ۾ کيڏندي، جڏهن ته هاڻ بنگلاديشي ٽيم به ڀارت ۾ ٽورنامينٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ان دوران ڀارت ڪجهه ملڪن جي پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن کي ويزا ڏيڻ ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهيو آهي.
رپورٽن موجب، آمريڪي ڪرڪيٽر علي خان سميت چئن پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن کي ڀارتي ويزا نه ڏيڻ جي تصديق ٿي آهي، ۽ هاڻي انگلينڊ جي پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن کي به ويزا نه ملڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن.
رپورٽ موجب، ليگ اسپنر عادل رشيد ۽ ريحان احمد کي پاڪستان سان واسطو هئڻ سبب اڃا تائين ڀارتي ويزا جاري نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ٻنهي ڪرڪيٽرن جو هلندڙ هفتي جي آخر ۾ سريلنڪا خلاف ڇهن ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ جي اسڪواڊ سان گڏ سفر ڪرڻ جو امڪان نه آهي.
ياد رهي ته ٻه سال اڳ شعيب بشير به ويزا مسئلن سبب انگلينڊ جي ڀارت جي دوري دوران شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهيو هو، جنهن کانپوءِ کيس ويزا جو عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ لنڊن واپس وڃڻو پيو، جڏهن ته ثاقب محمود کي به ويزا مسئلن جو منهن ڏسڻو پيو هو.
You might also like