گهريلو واهپيدارن کي گيس جي فراهمي لاءِ حڪومت جو اهم قدم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ٿڌ ۾ واڌ سبب گيس جي فراهمي گهٽجڻ جو نوٽيس وٺندي گهريلو واهپيدارن کي فوري طور رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
علي پرويز ملڪ موجب گهريلو شعبي کي صنعت کان وڌيڪ گيس منتقل ڪرڻ جي آپشن تي غور ڪري رهيا آهيون، پيٽروليم ڊويزن ۾ روز گيس صورتحال مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.
سوئي ناردرن گيس ڪمپني چيو آهي ته 6 جنوري کان گهريلو گيس سپلاءِ 691 مان وڌائي 746 ايم ايم سي ايف ڊي ڪئي وئي آهي، شيوا فيلڊ جي پيداوار 55 مان وڌائي 65 ايم ايم سي ايف ڊي ڪئي وئي.
اهڙي ريت سوئي سدرن گيس ڪمپني چيو آهي ته ٻن گيس فيلڊز جي بحالي سان سپلاءِ ۾ بهتري آئي آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهريلو واهپيدارن کي 39 ايم ايم سي ايف ڊي واڌو گيس ڏئي رهيا آهيون، صنعت کي گيس جي بندش هڪ کان ٻه ڏينهن ڪرڻ تي مشاورت جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.