بنگلاديشي ڪرڪيٽرن پاران بي پي ايل جي بائيڪاٽ کانپوءِ بورڊ ڊائريڪٽر عهدي تان برطرف

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ تڪراري بيانن کانپوءِ بورڊ ڊائريڪٽر نظم الاسلام کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.
بنگلاديشي ڪرڪيٽرن بورڊ ڊائريڪٽر نظم الاسلام جي بيانن تي ڪرڪيٽ سرگرمين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ نظم الاسلام کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو، نظم الاسلام بورڊ جي فنانس ڪميٽي جو چيئرمين هو.
ان حوالي سان بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تازي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ راند جي بهترين مفاد ۾ بي سي بي جي صدر نظم الاسلام کي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بي سي بي موجب، نظم الاسلام کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو بي سي بي جي آئين تحت ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بي سي بي جو صدر فنانس ڪميٽي جو قائم مقام چيئرمين هوندو.
بيان ۾ڄاڻايو ويو آهي ته بي سي بي پراميد آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ پروفيشنلزم ۽ جذبي سان راند جاري رهندي ۽ رانديگر بنگلاديش پريميئر ليگ( بي پي ايل ) ۾ حصو وٺي ان جي تسلسل کي يقيني بڻائيندا.
معاملو ڇا آهي؟
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديشي رانديگرن ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر نظم الاسلام جي تميم اقبال ۽ ڪرڪيٽرن بابت بيان کانپوءِ بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.
نظم الاسلام بنگلاديشي ٽيم جي ڀارت وڃڻ بابت تميم اقبال جي بيان تي ردعمل ڏيندي کيس ”ڀارتي ايجنٽ“ چيو هو، جنهن تي رانديگرن سخت ردعمل ظاهر ڪندي نظم الاسلام کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.
ان کانسواءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي فنانس ڪميٽي جي سربراهه نظم الاسلام پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ورلڊ ڪپ ۾ بورڊ کي ڪجهه به نٿو ملي، تنهنڪري ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان اسان کي ڪو نقصان ناهي، جڏهن ته رانديگرن کي نقصان ٿيندو ڇو ته کين ميچ فيس جي مد ۾ رقم نه ملندي.
هن چيو هو ته ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي صورت ۾ رانديگرن جي مالي نقصان جو ازالو نه ڪيو ويندو، خراب ڪارڪردگي باوجود رانديگرن تي ڪروڙين ٽڪا( بنگلاديشي ڪرنسي) خرچ ڪيا پيا وڃن، اسان ڪڏهن به رانديگرن کي ناهي چيو ته پئسا واپس ڪريو. جڏهن بورڊ ئي نه هوندو ته رانديگر ڪيئن رهندا؟
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر نظم الاسلام جي بيان کانپوءِ ڪرڪيٽرم پهرين بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني.
ان کانپوءِ ڪرڪيٽرن اڄ بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جي اڄ شيڊيول ميچ جو بائيڪاٽ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.