اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪي اميگرينٽ ويزا جي پروسيسنگ بابت آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهي ۽ اميد آهي ته اميگرينٽ ويزا جي معمول واري آن لائين پروسيسنگ جلد بحال ٿي ويندي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ترجمان پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان جي ايران جي صورتحال بابت اڳڀرائي تي گهري نظر آهي، پاڪستان صورتحال جي پرامن حل لاءِ ٿيندڙ سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته ايران ۾ امن ۽ استحڪام قائم رهندو.
ترجمان چيو ته ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ۽ عالمي برادري جو اهم رڪن آهي، تنهنڪري پاڪستان ايران کي هڪ دوست ۽ برادر ملڪ طور پرامن ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۽ ايران جي عوام وچ ۾ گهرا تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا آهن، جڏهن ته پرامن ۽ مستحڪم ايران پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.
طاهر اندرابي چيو ته ايران ۾ تازا احتجاج عام شهرين کي پيش ايندڙ معاشي ڏکيائين سبب سامهون آيا آهن، پر اميد آهي ته ايراني حڪومت طرفان اعلانيل معاشي امدادي قدم عوامي اهنجن ۾ گهٽتائي آڻيندا.
ترجمان موجب، ايران هڪ مضبوط ۽ حوصلي واري قوم آهي جنهن ماضي ۾ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو آهي، تنهنڪري پاڪستان کي ايراني عوام ۽ قيادت جي ڏاهپ تي مڪمل اعتماد آهي ۽ يقين آهي ته ايراني قوم انهن چئلينجن تي ظابطو آڻي وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرندي.
اميگرينٽ ويزا جي معطلي بابت ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪي اميگرينٽ ويزا جي پروسيسنگ بابت آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهي ۽ اميد آهي ته اميگرينٽ ويزا جي معمول واري آن لائين پروسيسنگ جلد بحال ٿي ويندي.
ان کانسواءِ ترجمان ڀارتي آرمي چيف جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو ته ڀارت طرفان دهشتگردي بابت الزام سياسي مقصدن لاءِ گهڙيل هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون آهن.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهن، جڏهن ته پاڪستان خلاف ڀارتي الزام خود ڀارت جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
ترجمان چيو ته افغانستان سوڌو خطي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد نيٽ ورڪن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، ڀارت طرفان عدالتن کان مٿانهان قتل ۽ رياستي سرپرستي هيٺ دهشتگردي جا مثال به رڪارڊ تي موجود آهن.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت کي چر ڏياريندڙ بيانن کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ مذهبي بنيادن تي تشدد کي خطي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي.
آمريڪا پاران اميگرينٽ ويزا پروسيسنگ روڪڻ وارو معاملو، پاڪستان جو ردعمل اچي ويو
You might also like