گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات ۾ ترقياتي منصوبن ۾ مبينا گهوٻين واري ڪيس ۾پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي تي فرم جرم لاڳو ڪيو ويو .
لاهور هي احتساب عدالت ۾ گجرات ۾ ترقياتي رٿائن دوران مبينا ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ چوڌري پرويز الاهي سميت ٻيا ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت پرويز الاهي ۽ ٻين تي فرم جرم لاڳو ڪيو جنهن تي جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ عدالت ريفرنس جي شاهدن کي 29 جنوري تي طلب ڪري ورتو.
واضح رهي ته نيب ڪيس ۾ ٻن نوَن جوابدارن جي شامل ٿيڻ کانپوءِ ضمني ريفرنس داخل ڪيو هيو.
Prev Post
You might also like