سون اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 3700 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 82 هزار 462 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سو جي قيمت 3172 رپيا لاٿ بعد 4 لک 13 هزار 633 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 37 ڊالر گهٽتائي سان 4601 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.