واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا وينزويلا جو تيل باظابطا طور وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيو.
آمريڪي اختيارين موجب، وينزويلا جي تيل جي 500 ملين ڊالرن جي پهرين ڊيل مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ تيل جي وڌيڪ وڪرو جي اميد آهي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب، صدر ٽرمپ جي ٽيم تيل ڪمپنين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، جيڪي وينزويلا جي تيل واري انفراسٽرڪچر، يعني بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ۽ خواهشمند آهن.
واضح رهي ته آمريڪا 3 جنوري تي وينزويلا ۾ فوجي ڪارروائي ڪئي هئي، جنهن دوران صدر مادورو ۽ سندس گهرواري سيليا فلوريس کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ کين آمريڪي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
You might also like