تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پنهنجون هوائي حدون عارضي طور بند ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر کوليون ڇڏيون آهن.
ايران عارضي طور سمورين اُڏامن لاءِ پنهنجون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون ۽ رڳو بين الاقوامي اُڏامن کي اجازت سان هوائي حدن جي استعمال جي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران طرفان پنجن ڪلاڪن تائين فضائي حدون بند رکڻ کانپوءِ هاڻي ٻيهر کوليون ويون آهن.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب هوائي حدون بند ڪيون ويون هيون، جنهن سبب فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيا.
ٻئي پاسي، جرمن ايئر لائن اسرائيل لاءِ رات جون اُڏامون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو فيصلو 19 جنوري تائين برقرار رهندو.
ان کانسواءِ آمريڪا اڳ ۾ ئي پنهنجون ڪمرشل اُڏامن کي ايراني هوائي حدن جي استعمال کان روڪي چڪو آهي.
You might also like