آسام (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام سان واسطو رکندڙ مشهور ڳائڻي زوبين گارگ جي موت بابت نوان تفصيل سامهون آيا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي ته زوبين جو موت اسڪوبا ڊائيونگ سبب ناهي ٿيو پر سنگاپور جي ٻيٽ لازارس ويجهو تَرڻ وقت سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
رپورٽ موجب، ان کان اڳ سامهون ايندڙ رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته گلوڪار جو موت اسڪوبا ڊائيونگ سبب ٿيو.
واضح رهي ته زوبين گارگ جي موت وارو واقعو گذريل سال 19 سيپٽمبر تي سنگاپور ۾ پيش آيو، اربع ڏهاڙي ٻڌڻي دوران سنگاپور جي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته زوبين واقعي وقت نشي ۾ هو.
مختلف شاهدن جو چوڻ آهي ته گلوڪار کي ٻيڙيءَ طرف واپس ترندي ڏٺو ويو جنهن کانپوءِ هو بيهوشيءَ واري حالت ۾ ابتو ترندو رهيو، ريسڪيو ڪرڻ کانپوءِ کيس سي پي آر ڏني وئي پر پر هو بچي نه سگهيو.
رپورٽ موجب، اختيارين جو چوڻ آهي ته زوبين ماضيءَ ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۽ مرگي جي مرض ۾ مبتلا رهيو هو ، کيس اهڙو آخري دورو 2024ع ۾ پيو هو.
سنگاپور پوليس ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته سندس موت پٺيان ڪو به سازشي عنصر سامهون ناهي آيو.
” يا علي“ گيت ڳائي شهرت ماڻيندڙ ڀارتي راڳي جو سنگاپور ۾ پراسرار موت، ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا
You might also like