آمريڪا جون جهڙي غلطي نه ورجائي، اسان جي عزم کي بمباري سان نٿو ٽوڙي سگهجي: ايراني پرڏيهي وزير

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هو جون ۾ ايران تي حملي جهڙي غلطي نه ورجائي.
هڪ انٽرويو ۾ عباس عراقچي چيو ته ايران ۾ امن قائم آهي ۽ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته حڪومت جو احتجاج ڪندڙن کي ڦاهي ڏيڻ جو ڪو منصوبو ناهي.
هن چيو ته اسان جي عزم کي بمباري سان نٿو ٽوڙي سگهجي، آمريڪا جون جهڙي غلطي ورجائي ته نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو اڳ ۾ نڪتو هو.
سندس چوڻ هو ته احتجاج ۾ موجود عنصرن کي ٻاهران ڪنٽرول ڪيو ويو، ڪجهه احتجاجين پوليس اهلڪارن تي گوليون هلايون، پوليس اهلڪارن کي جيئرو ساڙيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.