اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ناڻي واري وزارت جي ماتحت مقرر ڪيل هڪ اهم آفيسر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت جي ڊيبٽ مئنيجمينٽ آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل محسن مشتاق چندانا پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. وزيراعظم محسن مشتاق چندانا جي استعيفيٰ قبول ڪري ورتي آهي. ڊيبٽ مئنيجمينٽ آفيس ناڻي واري وزارت جي ماتحت ڪم ڪري ٿو ۽ قرض ۽ مالي معاملن جي نگراني ڪري ٿو. محسن مشتاق چندانا چيو آهي ته هن ذاتي سببن جي بنياد تي استعيفيٰ ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪراچي منتقل ٿيڻ چاهي ٿو ۽ سنڌ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميمبر طور مقرر آهي. محسن مشتاق چندانا کي 2023 ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڊيبٽ مئنيجمينٽ آفيس مقرر ڪيو ويو هو. هو پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 22 جو رٽائرڊ آفيسر آهي ۽ وفاقي سيڪريٽري طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.