دادو ۾ زمين جي تڪرار تان بروهي برادري ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) دادو ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان زمين جي پراڻي تڪرار تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ  اصغر پٽ پهلوان بروهي طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عبدالرشيد پٽ فقير محمد چانڊيو ۽ محمد خان پٽ گلڻ سيال شامل آهن. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس موقع تي پهچي فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. مقتول  جي وارثن الزام هنيو آهي ته مختيار بروهي، بخشل بروهي ۽ عارب بروهي جديد هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن سبب اصغر بروهي جان وڃائي ويٺو. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي۔.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.