سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 10 ايڊيشنل جج مستقل،ٻن جي مدي ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (سنڌ هاءِ ڪورٽ) جو اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججز جي بطور ججز  توثيق، آئيني بينچن جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ انهن جي مدت ۾ واڌ بابت سفارشن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي بطور چيئرمين ڪئي. سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪميشن پنهنجي مجموعي رڪنيت جي اڪثريت سان، لاڳاپيل ڊيٽا فارم، ماضيءَ جي رڪارڊ ۽ پيش ڪيل مواد جو جائزو وٺڻ بعد، 10 ايڊيشنل ججن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور تي توثيق ڪرڻ جي سفارش ڪئي جن ۾  جسٽس ميران محمد شاهه،جسٽس مس تسنيم سلطانه،جسٽس رياضت علي ساهڙ،جسٽس محمد حسن (اڪبر)،جسٽس عبدالحميد ڀرڳڙي، جسٽس جان علي جوڻيجو،جسٽس نثار احمد ڀنڀرو، جسٽس علي حيدر "آدا” جسٽس محمد عثمان علي هادي جسٽس محمد جعفر رضا شامل آهن،جڏهن ته جسٽس خالد حسين شاهاڻي ۽ جسٽس سيد فياض الحسن شاهه، ايڊيشنل ججز سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مدي ۾ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي.ان کان علاوه، ڪميشن جسٽس امجد علي ٻوهيو جسٽس محمد حسن (اڪبر) جسٽس علي حيدر "آدا”  ۽ جسٽس محمد عثمان علي هادي کي آئيني بئنچ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.