پي ٽي آءِ نئين ميثاقِ جهموريت لاءِ سمورين جمهوري قوتن کي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) نئين ميثاقِ جمهوريت لاءِ جهموري قوتن کي دعوت ڏيندي، سمورن ڌرين جي اتفاق سان اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گورهر جي صدارت هيٺ تحريڪِ انصاف جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي ايم اين ايز شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بي بنياد ۽ سياسي بنيادن تي قائم ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن ۽ پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتون بحال ڪيون وڃن.
ٺهراءَ ۾ پنجاب حڪومت طرفان ڪارڪنن تي لٺبازي ۽ سنڌ حڪومت طرفان دوري دوران رنڊڪن کڙيون ڪرڻ جي مذمت پڻ ڪئي وئي.
ٺهراءَ موجب ملڪ هن وقت انتهائي نازڪ ۽ پيچيده سياسي دور مان گذري رهيو آهي، جهموري قوتن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هڪ نئين ميثاقِ جمهوريت تي اتفاق ڪيو وڃي.
ٺهراءَ ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي اهڙي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي جنهن تي سموريون ڌريون راضي هجن، ۽ شفاف، آزاد ۽ منصفاڻe اليڪشن يقيني بڻائي وڃي.
ان کانسواءِ سياسي قيدين سان انصاف ۽ قانوني برابري کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو، ۽ پارلياماني پارٽي تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان جي قيادت کي لاهور جي دوري تي ڀيٽا پيش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.