ڪراچي ۾ ٽينڪرن ۽ هائيڊرنٽس ذريعي پاڻي جي فراهمي ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽينڪرن ۽ هائيڊرنٽن ذريعي پاڻي جي فراهمي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪي ايم سي اخيارين موجب، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن جي اعليٰ عملدارن کي متبادل نظام تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
مرتضيٰ وهاب عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ موجود سمورا هائيڊرنٽس مرحليوار ختم ڪيا وڃن ۽ لائينن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته شهرين کي سندن چائنٺ تي لائينن وسيلي پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.
ميئر ڪراچي جو چوڻ آهي ته واٽر هائيڊرنٽس مان ماهوار 30 ڪروڙ رپيا آمدني حاصل ٿيندي آهي، جڏهن ته واٽر هائيڊرنٽس جا ٺيڪا گذريل سال ختم ٿي چڪا آهن، نوان ٺيڪا جاري نه ڪيا ويندا، پر شهرين کي ٽينڪرن مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.
مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ متبادل ڏينهن ۾ هر علائقي کي پاڻي فراهم ڪري پوري ڪئي ويندي، ٽينڪرن ذريعي پاڻي مهيا ڪرڻ مستقل حل ناهي، جنهن سبب شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.