2026 لاءِ دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽن جي فهرست جاري، پاڪستان جو ڪائون نمبر؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 2026ع جي پهرين ڇهه ماهي لاءِ دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽن جي فهرست ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر سڀ کان هيٺين ملڪن ۾ شامل آهي.
هينلي اينڊ پارٽنرز طرفان جنوري کان جون 2026ع لاءِ جاري ڪيل فهرست موجب هڪ ايشيائي ملڪ جو پاسپورٽ دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ قرار ڏنو ويو آهي.
هينلي انڊيڪس موجب، سنگاپور جو پاسپورٽ دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ آهي، سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ 192 ملڪن ۾ ويزا کانسواءِ سفر ڪري سگهن ٿا.
دنيا جي ٻئي طاقتور ترين پاسپورٽ جو اعزاز به ٻن ايشيائي ملڪن جي نالي رهيو، جيڪي جپان ۽ ڏکڻ ڪوريا آهن.
جپاني ۽ ڏکڻ ڪوريائي پاسپورٽن سان 188 ملڪن ۾ ويزا فري سفر ممڪن آهي.
ڊينمارڪ، لگزمبرگ، سويڊن، اسپين ۽ سوئٽزرلينڊ جا پاسپورٽ گڏيل طور ٽئين نمبر تي موجود آهن، انهن ملڪن جي پاسپورٽن تي 186 ملڪن ۾ ويزا فري سفر ڪري سگهجي ٿو.
آسٽريا، بيلجيم، آئرلينڊ، اٽلي، فرانس، جرمني، ناروي، فنلينڊ، يونان ۽ نيڌرلينڊز جا پاسپورٽ 185 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا سان چوٿين نمبر تي رهيا.
هنگري، پرتگال، سلواڪيا، سلوانيا ۽ گڏيل عرب امارتن کي پنجون نمبر مليو ۽ انهن ملڪن جي پاسپورٽن تي 184 ملڪن ۾ ويزا فري رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
183 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا سان ڪروشيا، ايسٽونيا، مالٽا، نيوزيلينڊ ۽ پولينڊ جا پاسپورٽ گڏيل طور ڇهين نمبر تي رهيا.
آسٽريليا، لاٽويا، ليچٽن اسٽائن ۽ برطانيا جا پاسپورٽ ستين نمبر تي رهيا، جنهن تي 182 ملڪن ۾ ويزا فري سفر جي سهولت حاصل آهي.
دنيا جا ڪمزور ترين پاسپورٽ
پاڪستان کي ڪمزور ترين پاسپورٽ رکندڙ چوٿو ملڪ قرار ڏنو ويو آهي.
گڏيل طور پاڪستاني پاسپورٽ کي 98هون نمبر مليو آهي، جنهن تي 31 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا ممڪن آهي.
يمن جو پاسپورٽ پاڪستان سان گڏيل طور 98هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ان کان هيٺ عراق (99هون)، شام (100هون) ۽ افغانستان (101هون) نمبر تي رهيا.
پاڪستان کان مٿي صوماليا جو پاسپورٽ 97هين نمبر تي رهيو، جڏهن ته نيپال 96هون، بنگلاديش 84هون، فلسطين، اتر ڪوريا ۽ ايريٽيريا جا پاسپورٽ گڏيل طور 94هين نمبر تي رهيا.
ڀارت 80هين، چين 59هين، ايران 92هين، جڏهن ته سعودي عرب جو پاسپورٽ 54هين نمبر تي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.