ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ 17 جنوري تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو ، جنهن حوالي سان باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
صوبائي تعليم کاتي طرفان شبِ معراج جي موقعي تي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو.
ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 17 جنوري، ڇنڇر جي ڏينهن، سڄي سنڌ ۾ هڙئي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند رهندا.