واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا پنهنجي شهرين کي فوري طور ايران ڇڏڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيو.
آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته ايران ۾ احتجاجن سبب گرفتارين، زخمي ٿيڻ، سخت سيڪيورٽي قدمن، روڊن جي بندش، ٽرانسپورٽ جي معطلي ۽ انٽرنيٽ بندش جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن، جيڪي آمريڪي شهرين جي سلامتي لاءِ خطرو بڻيل آهن.
سفارتخاني آمريڪي شهرين کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته هو زميني رستن ذريعي آرمينيا يا ترڪي جي رستي ايران ڇڏي وڃن، ان سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ بندش کي نظر ۾ رکندي رابطن لاءِ متبادل انتظام ڪيا وڃن.
ٻٽي شهريت رکندڙ آمريڪي-ايراني شهرين کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته ايران ٻٽي شهريت تسليم نٿو ڪري، تنهنڪري اهڙن شهرين کي پنهنجي ايراني پاسپورٽ ذريعي ئي ايران ڇڏڻ گهرجي.
سفارتخاني وڌيڪ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو اڃا تائين ايران ۾ موجود آهن، اهي احتجاجن کان پري رهن، عوامي گڏجاڻين ۾ شرڪت نه ڪن ۽ محفوظ هنڌن تي رهن.
Prev Post
You might also like