واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران تي امڪاني آمريڪي حملي بابت دفاعي اداري پينٽاگون صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي بريفنگ ڏني آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آمريڪي بچاءَ واري کاتي جي ٻن عهديدارن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته ايران خلاف هوائي طاقت ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل ڪنهن به امڪاني فوجي ردعمل ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿا.
رپورٽ موجب، ان سان گڏ پينٽاگون صدر ٽرمپ کي سائبر آپريشنز ۽ نفسياتي مهمن وارا آپشن پڻ پيش ڪيا آهن، جن جو مقصد ايراني ڪمانڊ جي ڍانچي، رابطن ۽ سرڪاري ميڊيا کي متاثر ڪرڻ آهي.
آمريڪي عهديدارن موجب، سائبر ۽ نفسياتي آپريشنز سان گڏ روايتي فوجي طاقت کي گڏائي هڪ آپشن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ٻنهي آمريڪي عهديدارن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جنگ بابت اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو ۽ سفارتي رستا اڃا کليل آهن.
ايران تي آمريڪي حملي جو امڪان، پينٽاگون ٽرمپ کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو
You might also like