نظام ۽ قيادت جي تبديلي سان ئي ملڪ اڳتي وڌندو:لياقت بلوچ

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني اڳواڻ لياقت بلوچ چيو آهي ته سياست کي بند گهٽيءَ مان ڪڍڻ لاءِ قومي قيادت کي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري، آئين ۽ قانون جي بالادستي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ ملڪ کي معاشي۽ سياسي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو، قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي هڪ اعلى سطحي اجلاس کي خطاب لياقت بلوچ چيو ته آمريڪي سامراج جي جارحاڻن ارادن سبب عالمي امن کي شديد خطرو آهي، غزا ۾ انسانيت جي قتل عام جو سرپرست ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو پنهنجي فوج کي جڏهن ۽ جتي چاهي حملو ڪرڻ جو بيان ڏئي ٿو، نوبل انعام لاءِ نامزد ڪندڙ حڪمرانن لاءِ ڳڻتي وارو مرحلو آهي، غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي تي خاموش تماشائي بڻجڻ ۽ ايران ۾ احتجاجن تي عوام لاءِ همدردي ڏيکارڻ سان آمريڪي سامراج سميت طاغوتي قوتن جو منافقاڻو ڪردار وائکو ٿي چڪو آهي.”بدلايو نظام“ رڳو نعرو نه پر هڪ تحريڪ آهي، سامراجي نظام توڙي قيادت جي تبديلي سان ئي ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي، جنهن لاءِ جماعت اسلامي پهرين ڏينهن کان جدوجهد ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ، سينيئر اڳواڻ  مولانا اسدالله ڀٽو ۽ ٻيا صوبائي اڳواڻ به موجود هئا، لياقت بلوچ چيو ته ماحول جو گرمي پد گهٽائڻ ضروري آهي. اليڪشن ڪميشن کي آزاد هجڻ گهرجي ۽ ان جو مينڊيٽ تسليم ڪيو وڃي، ان سان ئي پائيدار جمهوريت جو رستو نڪرندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.