نادر جمالي کي مقابلي ۾ ماريندڙ اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) دادو پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ ماريل نوجوان نادر جمالي جي ڪيس ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿي، سول سوسائٽي، جمالي برادري ۽ ٻين ڌرين پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب سامهون  دادو ۾ مبينا مقابلي دوران نادر جمالي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي سهيل جمالي، ستار زنگيجو، انعام سنڌي ۽ عاجز جمالي ڪئي، مظاهرين الزام هنيو ته نادر جمالي کي دادو پوليس بيگناهه هئڻ باوجود مقابلي جو ڊرامو رچائي قتل ڪيو، نادر جمالي هڪ خوشحال زميندار هو، جنهن کي ڦورو ڄاڻائي مارڻ سراسر ظلم آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نادر جمالي جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف شفاف جاچ ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، قانون کان مٿانهون قتل ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به حاصل ناهي، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، دادو پوليس پاران 6 ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل نوجوان نادر جمالي واقعي خلاف حيدرآباد جي وڪيلن ۽ جمالي برادري ماڻهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ايڊووڪيٽ صدام حسين جمالي، طارق حسين جمالي، غلام قادر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته دادو پوليس ايس ايس پي جي حڪم تي ناحق نادر جمالي کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي. جڏهن ته نادرجمالي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس وٽ پاڻ پيش ٿيو هو، دادو پوليس نادر جمالي کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري عدالت کان مٿائو قدم کنيو آهي.جنهن خلاف اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين، عمرڪوٽ ۾ به نوجوان نادر جمالي جي قتل خلاف پريس ڪلب ٻاهران شهرين باغي شاهد ساند، اختر سهتو، راجا سولنڪي، علي رضا جوکيو، فراز نهڙي، اسلم ٻٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دادو ضلعي ۾ پوليس پاران قتل ڪيل شھيد نادر علي جمالي جي قتل خلاف جمالي برادري ۽ سول سوسائيٽي پاران مشتاق جمالي، غلام حسين جمالي،احسان جمالي،غلام مصطفئ جمالي، سليم جمالي، اڪبر جمالي ۽ علي حيدر پنهور جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ايوان صحافت بدين آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، دادو ۾ پوليس هٿان بيگناھ قتل ڪيل نادر خان جمالي جي قتل خلاف شاهبندر تعلقي جي جمالي برادري سول سوسائٽي جسقم ۽ جسم پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، نوجوان جي قتل خلاف شاهبندر تعلقي جي جمالي برادري سول سوسائٽي جسقم ۽ جسم پاران منير آڪاش جمالي اياز آخوند عبدالشڪور جمالي ڏاڏا جمالي رحيم بخش جمالي نظير جمالي محمد جمالي محبوب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پراڻي نيشنل بئنڪ کان چوهڙ جمالي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ايس ايس پي امير سعود مگسي ۽ ان جي ٽيم هٿان نادر خان جمالي کي ڏوهاري ڄاڻائي گوليون هڻي قتل ڪندڙ پوليس ۽ ان جي ٽولي جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن جي ڏنل احتجاجي سڏ تي جوهي ۾ مختلف سياسي سماجي مذھبي ادبي سول سوسائٽي جي نوجوانن عبدالمجيد جمالي، غلام قادر لغاري ، قربان کوکر ، فياض جتوئي، غني جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجن هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جو گشت ڪندي پريس ڪلب اڳيان سوين ماڻهن ڌرڻو هنيو، شهدادڪوٽ ۾ به دادو واسي زميندار نادر جمالي جي قتل خلاف الست سنگت پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي مظهر کوسو، اسد سولنگي،شفيق مستوئي اشفاق ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،  نادر جمالي جي قتل خلاف سڪرنڊ جي نوجوان جمالي اتحاد پاران سينما چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين پاران قاتل قاتل دادو پوليس قاتل جا نعرا لڳايا ويا. اڳواڻن علي رضا جمالي ، مير عابد جمالي ، اسد جمالي، غلام مصطفيٰ جمالي ، ساجد جمالي ، نجم الدين جمالي ، امام علي جمالي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، دادو ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي قتل واقعي خلاف مقتول جي وارثن جي سڏ تي دادو شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  سول سوسائٽي، وڪيلن، سياسي، سماجي اڳواڻن، ڪاروباري برادري ۽ شهرين سميت سوين ماڻهن احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪئي، جمالي جي معصوم پٽ سليمان جمالي، ڀاءُ باقر جمالي، سئوٽ خادم جمالي، مبين جمالي، علي حسن جمالي سميت خاندان جا فردن ۽ جمالي برادري سميت سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وارثن ۽ مظاهرين مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف فوري طور تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. هنن خاص طور ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي، ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو، ايس ايڇ او اي سيڪشن پوليس اسٽيشن دادو قربان قمبراڻي،، ايس ايڇ او بي سيڪشن خليل مسڻ، سي آءِ اي انچارج بينظير جمالي، 15 انچارج دادو شاهد پنهور سميت ٻين اهلڪارن کي نامزد ڪري ڪاروائي جو مطالبو ڪيو، نصيرآباد ۾ سول سوسائٽي طرفان امجد سنڌي، ساگر ڦلپوٽو، شاھ زيب ۽ مانجھي چنا جي اڳواڻي ۾ دادو پوليس جي ڪوڙي مقابلي م مارجي ويل ڄاڻائي  سماجي ورڪر نادر جمالي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ بدين ۾ بااثر وڏيري هٿان قتل ٿي ويل ڪيلاش ڪولھي جي خون سان انصاف ڏيارڻ لاءِ نوناري محلي مختلف رستن کان ٿيندي کان تعلقا پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مٺي ۾ سول سوسائٽي پاران دادو پوليس هٿان نوجوان مير نادر جمالي جي قتل خلاف ۽ ملوث پوليس آفيسرن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو ويو ،مٺي ۾ ٿر جي سياسي سماجي اڳواڻن گهنشام مالهي، ممتاز نهڙيو، عبدالسبحان سميجو، شاهد بلوچ، حميد ريگستاني، آفتاب سميجو، عمر انڙ، هيمراج ٺڪر، اڪبر درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ميهڙ ۾ به مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي قتل خلاف سول سوسائٽي، جساف آريسر ۽ قومپرست نوجوانن پاران گھنٽا گھر چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جساف آريسر جي مرڪزي صدر علي رضا بروھي، سرواڻ سنڌي ، احمد شاڪر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي زوردار نعريبازي ڪئي، ڪوٽڙي ۾ به نوجوانن پاران نادر جمالي جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار ۾ نوجوان اتحاد طرفان دادو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر خان جمالي جي وارثن سان انصاف لاءِ ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، نوجوانن اسد الله ڏهري، عبدالواجد ڪيريو، ماجد انڙ ، وسيم سمون، محمد عامر ڏهري ۽ ٻين واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ پوليس سرداري نظام ۽ سياسي ڪامورن جي اڳيان مڪمل طور بيوس بڻيل آهي ان ڪري بيگناهه ماڻهن جو رت وهائي مقابلا ڄاڻائي عدالتن کان مٿانهون قتل ڪري رهي آهي، هفتو اڳ دادو پوليس ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي بي رحمي سان نوجوان نادر جمالي کي قتل ڪيو جيڪو افسوسناڪ عمل آهي جيڪو عدالتن کان مٿانهون قتل دهشتگردي جي برابر آهي پوليس عوام جي ٽيڪس مان پگهار کڻي ٿي پر عوام تي ئي گوليون هلائي رهي آهي، جيڪا حڪومتي ڌر جي ونگاري هجڻ جو واضح ثبوت آهي آءِ جي سنڌ پوليس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان واقعي جو پاڻمرادو نوٽس وٺي

واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.