اسلام آباد (حماد حسن) ذريعن موجب، ونڊر بواءِ ڪنهن معيشت دان ڏانهن اشارو آهي. پرڏيهه ۾ ڪو پاڪستاني آهي جنهن وٽ معيشت ۾ وڏيون ڊگريون آهن ۽ سمجهدار آهي، ڪجهه وقت اڳ هو پاڪستان آيو هو، سندس اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ملاقاتون ٿيون. سندس ملاقات اهم شخصيت سان ٿي جنهن ۾ هن صلاحون ڏنيون هيون. اها شخصيت متاثر ٿي هئي. متاثر شخصيت ان بابت ٻن ٽن هنڌن تي ان جو ذڪر ڪيو هو. سهيل وڙائچ جي خبر بنيادي طور ان تي ٻڌل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي ڪنهن ونڊر بواءِ کي ناڻي وارو وزير يا ٻي ڪنهن ٽيم جي حوالي سان اڳتي آڻجي. ٻئي پاسي انصار عباسي چئي رهيو آهي ته ڪو ونڊر بواءِ ناهي، ان ۾ ڪا خبر ناهي. سهيل وڙائچ جي ڳالهه جو ڪو نه ڪو بنياد آهي. ٻئي پاسي عملي طور تي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار آهي. محمد اورنگزيب بابت اهو خيال آهي ته سندس ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي، وزيراعظم به ان مان خوش نه هو. ان کانپوءِ گهڻا معاملا اسحاق ڊار ڏانهن منتقل ڪيا ويا. وڏي انگ ۾ ڪابينا ڪميٽين جي قيادت اسحاق ڊار ڪري رهيو آهي، گڏجاڻين ۾ بريفنگ اسحاق ڊار کي ڏني وڃي ٿي ۽ هدايتون ڏئي ٿو. محمد اورنگزيب کي معاملن کان ڌار ڪيو ويو آهي، رڳو اقتصادي رابطا ڪميٽي وٽس بچي آهي. ذريعن موجب، جيڪڏهن محمد اورنگزيب کي فارغ ڪيو ويندو ته اهو تاثر ويندو ته حڪومت ڪارڪردگي نٿي ڏيکاري سگهي.