”ونڊر بواءِ“ جو تصور، معيشت دان ڏانهن اشارو

اسلام آباد (حماد حسن) ذريعن موجب، ونڊر بواءِ ڪنهن معيشت دان ڏانهن اشارو آهي. پرڏيهه ۾ ڪو پاڪستاني آهي جنهن وٽ معيشت ۾ وڏيون ڊگريون آهن ۽ سمجهدار آهي، ڪجهه وقت اڳ هو پاڪستان آيو هو، سندس اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ملاقاتون ٿيون. سندس ملاقات اهم شخصيت سان ٿي جنهن ۾ هن صلاحون ڏنيون هيون. اها شخصيت متاثر ٿي هئي. متاثر شخصيت ان بابت ٻن ٽن هنڌن تي ان جو ذڪر ڪيو هو. سهيل وڙائچ جي خبر بنيادي طور ان تي ٻڌل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي ڪنهن ونڊر بواءِ کي ناڻي وارو وزير يا ٻي ڪنهن ٽيم جي حوالي سان اڳتي آڻجي.  ٻئي پاسي انصار عباسي چئي رهيو آهي ته ڪو ونڊر بواءِ ناهي، ان ۾ ڪا خبر ناهي. سهيل وڙائچ جي ڳالهه جو ڪو نه ڪو بنياد آهي. ٻئي پاسي عملي طور تي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار آهي. محمد اورنگزيب بابت اهو خيال آهي ته سندس ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي، وزيراعظم به ان مان خوش نه هو. ان کانپوءِ گهڻا معاملا اسحاق ڊار ڏانهن منتقل ڪيا ويا. وڏي انگ ۾ ڪابينا ڪميٽين جي قيادت اسحاق ڊار ڪري رهيو آهي، گڏجاڻين ۾ بريفنگ اسحاق ڊار کي ڏني وڃي ٿي ۽ هدايتون ڏئي ٿو. محمد اورنگزيب کي معاملن کان ڌار ڪيو ويو آهي، رڳو اقتصادي رابطا ڪميٽي وٽس بچي آهي. ذريعن موجب، جيڪڏهن محمد اورنگزيب کي فارغ ڪيو ويندو ته اهو تاثر ويندو ته حڪومت ڪارڪردگي نٿي ڏيکاري سگهي.

  1. ”ونڊر بواءِ“ تي سهيل وڙائچ ۽ انصار عباسي آمهون سامهون؟

اسلام آباد( منيب فاروق )پاڪستان جي هڪ وڏي  ميڊيا جي اداري اندر ٻه اهم شخصيتون آمهون سامهون نظر اچي رهيون آهن.هي معاملو جيو–جنگ گروپ سان لاڳاپيل آهي. هڪ پاسي سهيل وڙائچ آهي،  ٻئي پاسي انصار عباسي ٻئي پاڪستان جا انتهائي سينيئر صحافي آهن،گذريل ڏينهن انصار عباسي جي هڪ ڪالم جي خبر لڳي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ اڳئين خبر بابت وضاحت ڪندي “ونڊر بواءِ” جو ذڪر ڪيو. ڪڏهن تصور به نه ڪيو ويو ته سهيل وڙائچ ۽ انصار عباسي وچ ۾ اهڙي ڪا ڇڪتاڻ ٿي سگهي ٿي.سهيل وڙائچ بعد ۾ اينڪر منصور علي خان سان هڪ پوڊڪاسٽ ۾ به ان معاملي جو ذڪر ڪيو. سهيل وڙائچ صاحب جو “ونڊر بواءِ” وارو تصور اهڙو ناهي، جيئن سوشل ميڊيا تي پيش ڪيو ويو. هن اهو نه چيو ته ڪو نئون ماڻهو اچي رهيو آهي، پر صرف اهو چيو ته ” ڳولا“ ٿي رهي آهي. پوءِ ماڻهن پنهنجون پنهنجون تصويرون لڳائڻ شروع ڪيون ته هي ونڊر بواءِ آهي، اهو ونڊر بواءِ آهي.نتيجو اهو آهي ته اڄ جي تاريخ تائين ڪو به “ونڊر بواءِ” نه پيو اچي.في الحال ”ونڊر فل بواءِ“ شهباز شريف ئي آهي، جنهن جي حڪومت جي ساراهه ٿي رهي آهي. پاڪستان جي طاقتور حلقن مان به هن وقت تعريف ئي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.