محمود اچڪزئي جي مخالف ڌر اڳواڻ طور مقرري ۾ رنڊڪون ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي ۽ حڪومت اسپيڪر کي محمود اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب، حڪومت جي اجازت کان پوءِ، اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي ان حوالي سان حڪومتي اتحادي پارٽين سان صلاح مشورو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبرن پاران محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان باضابطه نامزدگي جي درخواست ڪئي وئي هئي. محمود خان اچڪزئي جي نالي تي ڊيڊ لاڪ هاڻي ختم ٿي ويو آهي ۽ ان کي مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي ويندي ۽ هن اهم عهدي تي مقرري جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.