اسلام آباد(طلعت حسين)يوٽيوب چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون پيون هلن ته ”حڪومت وڃي رهي آهي“.ڪجهه ماڻهو آهن، جن جو روزگار ئي اهڙين ڳالهين سان وابسته آهي. انهن کي هر وقت حڪومت جي وڃڻ جا تجزيا ڪرڻا هوندا آهن، ڇو ته ان جا کين پئسا ملن ٿا. انهن چوڻ شروع ڪيو ته ”هاڻي حڪومت کي جهٽڪا لڳي ويا آهن، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ وڏي خليج پيدا ٿي وئي آهي“.لڳي ٿو ته ڪي نوان تجربا سوچيا پيا وڃن.جيڪڏهن هن ڍانچي مان هڪ ڌاڳو به ڪڍيو ويو ته سڄو نظام ٽٽي سگهي ٿو.اسان جو موجوده نظام ـ جنهن کي ”هائبرڊ سسٽم“ چيو وڃي ٿو يا نالي ماتر جمهوريت ـ اهو عوام جي ضرورت مطابق نتيجا نٿو ڏئي. اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو شايد سڌارن جي ڳالهه ڪن، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر تبديلي عوام لاءِ سٺي ثابت نٿي ٿئي.اصل مسئلو معيشت آهي.عام ماڻهو پرائمري سرپلس يا جي ڊي پي ريشو نٿو سمجهي. ماڻهو صرف اهو ڏسي ٿو ته ڇا اڄ سندس زندگي چار سال اڳ کان بهتر آهي يا خراب؟اڄ ماڻهن جون حقيقي پگهارون 2015ع واري سطح تي اچي ويون آهن. يعني اڄ ماڻهوءَ کي پنج سال اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. هتي ماڻهو رٽائرمينٽ بابت سوچڻ بدران وڌيڪ ڪم ڪرڻ تيمجبور آهن. هي هن حڪومت جو اصل مسئلو آهي،افواهه آهن ته حڪومتي اختيارين کي چيو ويو آهي ته پنج ڇهه مهينن جي ونڊو آهي. جيڪڏهن هن عرصي ۾ بنيادي ڍانچاجاتي سڌارا نه ڪيا ويا ته گهڻو ڪجهه بدلجي سگهي ٿو.پر جڏهن پڇيو ويو ته ”هي ڳالهه ڪنهن ٻڌائي؟“ ته جواب مليو: ”اسان ڪجهه ٻڌو آهي، پر ڪا پڪي ڳالهه ناهي، اينڪرمحمد ملڪ چيو آهي ته منهنجي ڳالهه کي غلط سمجهيو ويو. منهنجو مطلب حڪومت وڃڻ نه هو، پر معيشت لاءِ ڇهه مهينا انتهائي اهم آهن. جيڪڏهن هن عرصي ۾ سخت معاشي سڌارا نه ڪيا ويا ته معيشت سنڀالي نٿي سگهجي.“ان کان پوءِ سرڪاري سطح تان ٽِڪرز هليا، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس جو حوالو آيو، جنهن ۾ چيو ويو ته اسان کي سياسي نظام تي مڪمل ڀروسو آهي. رياست جا سڀ ادارا، ميڊيا ۽ حڪومت گڏجي ملڪ کي مضبوط ڪندا.ثابت ٿيو ته جيڪا فضا ٺاهي پئي وئي اها حقيقت تي ٻڌل نه هئي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ئي صفحي تي نظر آيون، جنهن سبب ڪجهه حلقن جون اميدون ٽٽي ويون.