ايران ۾ رجيم چينج؟

تحرير: آغرنديم سحر

ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، ۽ جڏهن پاڙيسري جي گهر ۾ باهه لڳي يا طوفان اچي، ته ان جي فڪر انتهائي سنجيدگي سان ڪرڻي پوي ٿي. اسان جا ايران سان ڀلي هزار اختلاف هجن، پر ايران ۾ جاري مظاهرن بابت نه رڳو ڳڻتي ڪرڻ ضروري آهي، پر اڳواٽ منصوبابندي به ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن آمريڪا ايران جي قدرتي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش ڪري ٿو، ته ان عمل ۾ اسرائيل جو ڪردار ڪهڙو هوندو؟ تهران يا اصفهان کان شروع ٿيندڙ احتجاج هاڻي لڳ ڀڳ سئو شهرن تائين پکڙجي چڪو آهي ۽ هي سلسلو تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي. بظاهر اهي مظاهرا مهانگائي خلاف شروع ٿيا هئا، پر پردي پٺيان اصل مقصد رجيم چينج آڻڻ نظر اچي ٿو. جنهن تيزي ۽ شدت سان اهي مظاهرا وڌي رهيا آهن، ان مان اهو مڃڻو پوندو ته اهي قوتون، جيڪي ايران ۾ رجيم چينج چاهين ٿيون، ڪنهن وڏي منصوبي تي ڪم ڪري رهيون آهن.

نومبر 2025ع ۾ ٽرمپ ڊاڪٽرائن لانچ ڪئي وئي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو هو ته ويجهي مستقبل ۾ آمريڪا دنيا جي قدرتي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش ڪندو. ايران ۾ رجيم چينج، وينزويلا تي قبضي جون ڪوششون ۽ گرين لينڊ ڏانهن نظرون اهي سڀ ٽرمپ ڊاڪٽرائن جي منصوبي جو حصو آهن. گذريل هڪ کان ڏيڍ صدي دوران هزارين دهشتگرد ايران ۽ افغانستان جي رستن سان پاڪستان ۾ داخل ٿيا، ۽ هتي فرقيواراڻين نفرتن، مذهبي انتهاپسندي ۽ خودڪش حملن جي پويان ڪٿي نه ڪٿي انهن ٻنهي پاڙيسري ملڪن جو اهم ڪردار رهيو آهي. ايران هڪ طرف انهن الزامن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو، جڏهن ته ٻي طرف ڀارت سان ويجهڙايون وڌائيندو رهيو. تازي ايران-اسرائيل جنگ دوران ڀارت جنهن نموني ايران کي اڪيلو ڪري اسرائيل سان گڏ بيٺو، ان ۾ سمجهڻ وارن لاءِ وڏو سبق لڪل آهي. ان نازڪ گهڙيءَ ۾ پاڪستان ايران جو ساٿ ڏنو ۽ اسرائيل کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته اسان پنهنجي دوست ملڪ ايران سان گڏ بيٺل آهيون. اهڙي ريت ايران ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ ٻيهر سڌارو ڏسڻ ۾ آيو. هي هڪ مثبت رويو آهي. پاڪستان کي پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. پاڪستان ته ڀارت سان به لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ڀارت پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ غنڊاگردي ڇڏي، آپريشن بنيان مرصوص مان سبق سکي، ته حالتون گهڻو بهتر ٿي سگهن ٿيون.

اسان کي پنهنجي باري ۾ به سوچڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جيڪڏهن ايران ۾ رجيم چينج ٿي وڃي ٿو ۽ اهي قوتون ڪامياب ٿي وڃن ٿيون، جيڪي عرصي کان ايران تي نظرون ڄمائي ويٺيون آهن، ته حالتون ڪهڙي طرف وڃي سگهن ٿيون؟ هڪ ڀيرو ٻه مهينا اڳ جاري ڪيل ان دستاويز جو مطالعو ضرور ڪريو، جنهن کي ٽرمپ ڊاڪٽرائن چيو وڃي ٿو. ان ۾ واضح ڪيو ويو هو ته آمريڪا تيل، گئس سميت دنيا جي سمورن قدرتي وسيلن تي پنهنجي مخالفن جي رسائي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ هو جلد ان ۾ ڪامياب ٿيڻ وارو آهي. ان جي پويان هڪ اهم مقصد اسرائيل کي مضبوط ڪرڻ به آهي. جيڪڏهن اسرائيل جي طاقت وڌي وڃي ٿي ۽ هو پنهنجن خطرناڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ته ايران ۾ رجيم چينج ۽ رضا پهلوي (اميدوار براءِ اقتدار) جو اقتدار پاڪستان لاءِ ڪيترو نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو؟

موساد ۽ را جو ڳٺ جوڙ، ايران ۾ پنهنجي مرضي جي حڪومت ۽ قدرتي وسيلن تي چند ملڪن جو قبضو اهي سڀ ڳڻتيءَ وارا پهلو آهن، جيڪي اسان لاءِ به خطري جي گهنٽي وڄائي رهيا آهن. اسان کي اها گهنٽي وقت سر ٻڌڻ گهرجي. جيڪڏهن ٽرمپ ڊاڪٽرائن جي مستقبل واري حڪمت عملي ۾ اسرائيل جي سلامتي بنيادي مقصد آهي، ته صرف هڪ ملڪ کي محفوظ ڪرڻ سان دنيا جو وڏو حصو غير محفوظ ٿي سگهي ٿو.

وينزويلا ۾ رجيم چينج جو هڪ سبب ايران ۽ وينزويلا جي ويجهڙايون پڻ آهن. ٻئي ملڪ تيل جا وڏا ذخيرا رکن ٿا، ۽ ٻنهي وچ ۾ دفاعي سهڪار به شروع ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري پهرين وينزويلا ۾ رجيم چينج جو رستو هموار ڪيو ويو، ۽ هاڻي ايندڙ هدف ايران نظر اچي ٿو. ايراني بلوچستان، پاڪستاني بلوچستان جي بلڪل ويجهو آهي. جيڪڏهن ايران ۾ موساد جو اثر وڌي وڃي ٿو ۽ موساد ۽ را جو ڳٺ جوڙ شروع ٿئي ٿو، ته پاڪستان کي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪيترو وڏو نقصان پهچي سگهي ٿو؟ پاڪستاني بلوچستان ۾ را جي موجودگي اڳ ۾ ئي اسان کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. جيڪڏهن هاڻي ٻن دشمن ملڪن جون ايجنسيون اتي سرگرم ٿي وڃن، ته حالتون ڪهڙي طرف وينديون؟ ڪلڀوشن ياديو به ايران جي رستي پاڪستان آيو هو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي “را” افغانستان ۽ ايران جي ذريعي پاڪستان کي ڪمزور ۽ غير محفوظ ڪرڻ جون لڳاتار ڪوششون ڪري رهي آهي.

پاڪستان ۾ جاري دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي ۽ معاشي توڙي سياسي بحران جي پويان به اهي ئي قوتون آهن، جيڪي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيون آهن. ان جو جواب مئي 2025ع جي پاڪ-ڀارت جنگ ۾ اسان جي فوجن ڏئي ڇڏيو. ان جنگ ۾ به اسرائيل ۽ ڀارت گڏ بيٺل هئا، پر اسان جي عظيم فوجن ڀارت ۽ ان جي حامين کي ڏند ٽوڙ جواب ڏئي قوم جو سِر فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.