لاهور (م ڊ) پنجاب فارنزڪ سائنس ليبارٽري 9 مئي جي واقعن ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، ڪامران بنگش، تيمور سليم جهڳڙا ۽ عرفان سليم جي موجودگي جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب، 16 وڊيوز جو فريم باءِ فريم تجزيو ڪيو ويو، جن مان گهڻن ۾ ايڊٽنگ جو ڪو به ثبوت نه مليو، جڏهن ته، ڪجهه وڊيوز ۾ ڪلپس کي شامل ڪرڻ ۽ مواد کي تبديل ڪرڻ جا نشان مليا. پنجاب فارنزڪ ليبارٽي پشاور پوليس جي درخواست تي وڊيوز ۽ آڊيوز جو تجزيو ڪيو. رپورٽ موجب، سهيل آفريدي جي پروفائل تصوير ۽ وڊيو ۾ موجود شخص ساڳيو آهي. رپورٽ 19 ڊسمبر کان 23 ڊسمبر دوران مڪمل ڪئي وئي. ياد رهي ته اي ٽي سي عدالت ريڊيو پاڪستان حملي ڪيس ۾ پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي هئي ۽ پوليس وديوز تجزئي لاءِ پنجاب فارنزڪ ليبارٽي اماڻيون هيون. ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي پي ٽي آءِ اڳواڻ تيمور سليم جهڳڙا چيو آهي ته ڪيس ٽرائل کانپوءِ خارج ٿي چڪو آهي. اڍائي سالن کانپوءِ اڻ تصديق ٿيل وڊيوز جي بنياد تي ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، وائرل اسڪرين شاٽس جو ريڊيو پاڪستان واقعي سان ڪو واسطو ناهي، هڪ وڊيو به پشاور جي ناهي. اها مهم وزيراعليٰ ۽ ماڻهن جي خلاف آهي جن کي ڪڏهن ڪيس ۾ نامزد ئي نه ڪيو ويو.