ڪراچي (رپورٽر) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي وچ ۾ طئي ٿيل ملاقات اوچتو ملتوي ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، جيڪو سنڌ صوبي جي دوري تي آهي، کي صوبي جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان به ملاقات ڪرڻي هئي. بهرحال، هي ملاقات هاڻي پاڪستانتحريڪ انصاف جي ريلي کان اڳ منسوخ ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان ملاقات کان معذرت ڪئي آهي، جنهن سبب ٻنهي وڏن وزيرن جي وچ ۾ سومر تي طئي ٿيل ملاقات ملتوي ڪئي وئي آهي.