ڪيلاش ڪولهي ۽ نادر جمالي جي ناحق خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي

هاري ڪيلاش ڪولهي جي قتل کان پوءِ بدين ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ ڌرڻا ان حقيقت کي وائکو ڪن ٿا ته سنڌ اندر انصاف هاڻي ڪو بنيادي حق ۽ ان جي حاصلات آسان بلڪل به نه رهي آهي پر اهو جدوجهد سان حاصل ٿيندڙ هڪ ڏکيو عمل بڻجي ويو آهي. پيرو لاشاري جي ڳوٺ ڊاهو ڪولهي ۾ جهوپڙي ٺاهڻ جهڙي معمولي ڳالهه تان هڪ نوجوان کي گوليون هڻي ماريو وڃي، قاتل بااثر هجڻ سبب پوليس شروعاتي طور ٽال مٽول کان ڪم وٺندي رهي ۽ ٻن ڏينهن جي سخت عوامي ردعمل کان پوءِ سندس گرفتاري جي دعويٰ ڪئي. ڪيلاش ڪولهي جو قتل به انهن بي شمار واقعن جي هڪ ڪڙي آهي جيڪي سالن کان سنڌ ۾ پيش ايندا رهن ٿا ۽ اهڙن واقعن جا ڪيترائي جوابدار طاقتور ۽ ملڪي قانون ڪمزور هجڻ سبب سزا کان بچندا رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي بيڏوهي قتل ٿيل ماڻهن جا لاش لوڙهيا ويا . بااثر وڏيرا، جاگيردار، سياسي سرپرستي هيٺ پلجندڙ ڏوهاري ۽ ادارن اندر ويٺل سندن سهولتڪار هڪ اهڙو نظام جوڙين ٿا جنهن ۾ انصاف صرف طاقتور جي ٻولي سمجهي ٿو. ڪيلاش ڪولهي به اهڙي ئي نظام جو شڪار ٿيو، جتي هڪ نوجوان جي زندگي جي قيمت جهوپڙي کان به گهٽ سمجهي ويئي.

بدين ۾ ٻن ڏينهن تائين لڳندڙ ڌرڻو ان ڳالهه جو ثبوت هو ته هاڻي عوام خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهي. پر اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته ڌرڻا، احتجاج ۽ ميڊيا جو دٻاءُ جيڪڏهن نه هجي ها ته شايد قاتل اڄ به آزاد گهمي رهيو هجي. ايس ايس پي پاران هفتي جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرائڻ کان پوءِ مختلف بيانن ذريعي عوام کي مطمئن ڪرڻ جي ٿيندڙ ڪوشش، ان سموري عمل ۾ حڪومت جو وقار گهٽجندي نظر اچي ٿو. پوليس جو اهو چوڻ ته جوابدار کي پنجاب مان گرفتار ڪيو ويو، پوءِ وري اهو ٻڌائڻ ته حيدرآباد جي فتح چوڪ ويجهو گرفتاري عمل ۾ آئي، اهڙيون  تضاد ڳالهيون عوام جي بي اعتمادي کي وڌيڪ وڌائين ٿا.

سرفراز نظاماڻي ۽ سندس سهولتڪار ظفرالله خان جي گرفتاري يقينن هڪ اهم اڳڀرائي آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اها گرفتاري انصاف جي شروعات آهي يا رڳو احتجاج کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ هڪ علامتي قدم؟ سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته ڪيترن ئي اهڙن ڪيسن ۾ شروعاتي طور وڏا اعلان ڪيا ويا، گرفتاريون ڏيکاريون ويون، پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڪيس ڪمزور ٿي ويا، شاهد خاموش ٿي ويا ۽ بااثر جوابدار قانون جي ڄار مان نڪري ويا.پوليس موجب ظفرالله خان قاتل وڏيري کي سوزوڪي ۾ کڻي مختلف هنڌن تي لڪائڻ ۾ مدد ڪئي، ڪار به برآمد ڪئي وئي آهي. اهو سمورو تفصيل ٻڌائي ٿو ته ڏوهه ڪيئن منظم طريقي سان ڪيو ويو ۽ پوءِ ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سوال اهو آهي ته اهڙي منظم ڏوهه جي پٺيان رڳو ٻه ماڻهو ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟

ڪيلاش ڪولهي جي قتل ڪيس ۾ جيڪڏهن واقعي انصاف ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ٿو، جيڪڏهن بااثر هئڻ باوجود قاتلن کي سزا ملي ٿي، ته اهو رڳو هڪ خاندان لاءِ نه پر سڄي سنڌ لاءِ اميد بڻجي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن هي ڪيس به وقت جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويو ته پوءِ اهو پيغام ويندو ته سنڌ ۾ طاقتور لاءِ قانون رڳو هڪ ڪتابي ڳالهه آهي. عوامي احتجاجن کي صرف قانوني مسئلو سمجهي دٻائڻ بدران انهن جي سببن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ماڻهو رستن تي ان لاءِ نٿا نڪرن ته کين شوق آهي، پر ان لاءِ نڪرندا آهن جو سندن اندر جو آواز عدالتن، ٿاڻن ۽ سرڪاري دفترن ۾ نه ٻڌو ويندو آهي.

سنڌ کي هاڻي مدي خارج نظام ۽ ان جي ڇاڙتن خلاف هڪ گڏيل شعور جي ضرورت آهي. اهو شعور جيڪو صرف بيانن ۽ تقريرن تائين محدود نه هجي پر عملي قدم کڻي. سياسي پارٽين، مذهبي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا سڀني کي پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻو پوندو. جيڪڏهن هر ڪو رڳو پنهنجو مفاد ڏسندو رهيو ته ڪيلاش ڪولهي جهڙا نالا لسٽ ۾ شامل ٿيندا رهندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پوليس جو ڪم رڳو لاش کڻڻ ۽ رپورٽ لکڻ رهجي ويو آهي يا ڏوهه روڪڻ به ان جي ذميواري آهي؟ ڇا حڪمرانن کي سنڌ جي مقتل گاهه بڻجڻ تي ڪو احساس آهي يا اهي اقتدار جي نشي ۾ بي حس ٿي چڪا آهن؟ انهن سوالن جا جواب صرف لفظن سان نه پر عمل سان ڏيڻا پوندا. ٻي صورت ۾ تاريخ بي رحم هوندي، جنهن کان ڪير به بچي ناهي سگهندو.

سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ ڏاڍن جو مڙسن جو مظلوم ۽ ڪمزور انسان تي جبر  هن جديد دور ۾ به جيئن جو تيئن برقرار آهي، پوليس هجي يا وڏيرا ڪنهن کي ٻڪري چوري جي الزام ۾ ته ڪنهن کي جهوپڙي اڏڻ جهڙي معمولي ڳالهه تي قتل ڪري ٿا ڇڏين، جيڪا انتهائي نندڻ ۽ مذمت جوڳي ڳالهه ته آهي ئي پر ان عمل سان سنڌ جي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پڻ پت وائکي ٿئي ٿي. ان لاءِ اسان جو اهو چوڻ آهي ته هاڻ گهڻو ٿيو، پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ تي راڄ ڪندي سترهن سال ٿيا آهن پر اها عدالتن کان مٿانهان قتل ۽ وڏيرن کي لغام نه ڏئي سگهي آهي، جيڪا سندن حڪومت تي سواليه نشان آهن، ان لاءِ ڪيلاش ڪولهي ۽ نادر جمالي جي ناحق خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.