دهشت گردن جي سهولتڪارن جي حمايت نٿي ڪري سگهجي: وفاقي حڪومت

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي حڪومت جي سنڌ بابت ترجمان راجا خليق الزمان انصاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ڪراچي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني وڃي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو   ته ڪراچي باني پي ٽي آءِ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف کي شهر قائد ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني وڃي جيڪي ماڻهو دهشت گردن جا سهولتڪار آهن، انهن جي حمايت نٿي ڪري سگهجي ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پي ٽي آءِ کي ڪراچي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، راجه خليق الزمان انصاري چيو ته نواز ليگ سدائين آمريت خلاف سياست ڪئي آهي ۽ وفاق رڳو انهن پي ٽي آءِ ماڻهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي جيڪي قانون ۽ آئين کي مڃين ٿا، هن دعويٰ ڪئي ته ايندڙ گورنر سنڌ مسلم ليگ ن جو هوندو، گذريل جمعي پي ٽي آءِ سڄي ڪراچي کي يرغمال بڻايو، پر فوٽيجز مان ظاهر ٿيو ته ڪٿي به 500 کان وڌيڪ ماڻهو موجود نه هئا، جڏهن ته افغان شهري به انهن سان گڏ هئا ۽ سيڪيورٽي ادارن خلاف نامناسب ٻولي استعمال ڪئي وئي، عوامي مينڊيٽ کي گاريون ڏنيون ويون، خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ ٻين صوبن جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي. آئين شهرين کي ملڪ ۾ ڪٿي به وڃڻ جي اجازت ڏئي ٿو، پر وزيراعليٰ طور کين پنهنجي صوبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي، ڇو ته هنن آئين ۽ عوام سان وفاداري جو حلف کنيو آهي، راجا انصاري چيو ته ڪنهن کي وساري نٿو سگهجي ته ڪيپٽن صفدر کي ڪهڙي نموني گرفتار ڪيو ويو. محمود اچڪزئي موجب پي ٽي آءِ ۾ هر سئو ماڻهن جو الڳ ليڊر آهي. ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم انهن پي ٽي آءِ ماڻهن کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي جيڪي آئين کي مڃين ٿا، پر جيڪي دهشت گردن جا سهولتڪار آهن، انهن سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.