وڊودارا (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شُڀمَن گِل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي اسڪواڊ مان ڊراپ ٿيڻ تي چيو آهي ته هو سليڪٽرز جي فيصلي جو احترام ۽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو.
ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز سڀاڻي کان شروع ٿي رهي آهي.
سيريز کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي ڪپتان چيو ته ”مان سمجهان ٿو ته مون کي زندگي ۾ جتي هئڻ گهرجي، مان اتي آهيان ۽ جيڪو ڪجهه ڀاڳ ۾ لکيل هوندو، ڪير به مون کان کسي نه ٿو سگهي.“
هن چيو ته ”هر رانديگر جي خواهش هوندي آهي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري، پر سليڪٽرز جيڪو به فيصلو ڪيو، مان ان جو احترام ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيان ٿو.“
گِل واضح ڪيو ته هن وقت سندس ڌيان نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز تي کتل آهي، جتي تجربيڪار ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما سندس ٻانهن ٻيلي هوندا.
واضح رهي ته سليڪٽرز شارٽ فارم ۾ وڌيڪ جارحاڻي اوپننگ آپشنز کي ترجيح ڏيندي شُڀمن گِل کي 15 رڪني ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو هو.
تجزئي نگارن موجب، گِل آخري 15 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ رڳو 291 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن سبب کيس مختصر فارميٽ مان نيڪالي ڏني وئي.
هر رانديگر عالمي ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي جو خواب ڏسندو آهي، سيلڪٽرن جو فيصلي جو احترام ڪيان ٿو: گِل
You might also like