آسٽريليا: ٻيلن ۾ باهه خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي، سوين گهر رک، هزارين ماڻهو بجلي کان محروم

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود ٻيلن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان لڳل باهه ڪيترن ئي گهرن کي رک ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب باهه سبب هزارين ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا ۽ وڏي پيماني تي ٻيلا سڙي رک ٿي ويا آهن، فائر فائيٽرز باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن.
اختيارين موجب وڪٽوريا رياست ۾ سخت گرمي جي لهر دوران لڳندڙ اها باهه 7 لک 41 هزار 316 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙجي وئي آهي ۽ سڄي رياست ۾ هن وقت به 10 جاين تي وڏي پيماني تي باهه لڳل آهي.
اختيارين ٻڌايو ته وڪٽوريا ۾ باهه سبب گهرن سميت 130 کان وڌيڪ عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن ۽ تقريبن 39 هزار گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن جي بجلي ڪٽجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.