دهشتگردي خلاف شعبي ۾ سهڪار، پاڪستاني ۽ آمريڪي فوجن جي گڏيل مشق شروع

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا جي فوجن وچ ۾ 13هين ٻه طرفي گڏيل مشق انسپائرڊ گيمبٽ 2026 جي شروعات ٿي وئي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گڏيل مشق جي شروعات 9 جنوري 2026 کان نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ ٿي.
ٻن هفتن تي ٻڌل اها مشق دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي فوجن جا پيشيور دستا حصو وٺي رهيا آهن.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته گڏيل مشق جي افتتاحي تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي اختيارين شرڪت ڪئي، گڏيل مشق جو مقصد دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ تجربن جي ڏي وٺ ذريعي هم آهنگي ۾ واڌ آهي.
مشق ۾ شهري علائقن ۾ جنگي ڪارروائين، نشاني بازي ۽ آپريشنل نظرين جي هم آهنگي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.
آءِ ايس پي آر چيو ته اهڙيون گڏيل مشقون تبديل ٿيندڙ سيڪيورٽي چيلينجن کي منهن ڏيڻ، عسڪري معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ دهشتگردي خلاف فوج جي صلاحيت وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آحن.
انسپائرڊ گيمبٽ 2026 پاڪستان ۽ آمريڪا جي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري سهڪار جي عڪاسي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.