انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيا اسرائيل کي ايران جي اندروني ڇڪتاڻ مان فائدو کڻڻ تي خبردار ڪري ڇڏيو.
ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فدان ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ايران جي اندروني ڇڪتاڻ مان فائدو کڻڻ جون اسرائيلي ڪوششون ناڪام ٿينديون، ايران ۾ احتجاجي مظاهرن کي ايران جي مخالف استعمال ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اسرائيل به ايران جي صورتحال مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسرائيل غزا جنگبندي معاهدي جي ايندڙ مرحلي ۾ رنڊڪون وجهي رهيو آهي، غزا ۾ انساني امداد ۽ نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
You might also like