ممبئي (ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري هدايتڪار وشال ڀردواج جي نئين فلم ”او روميو“ جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ڏسندڙ کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، وشال ڀردواج جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ”او روميو“ ۾ شاهد ڪپور مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ٽيزر کي شروعاتي ستن ڪلاڪن دوران ئي يوٽيوب تي ٽي ملين ماڻهو ڏسي چڪا آهن.
هڪ منٽ 35 سيڪنڊ تي ٻڌل ٽيزر ۾ شاهد ڪپور کي هڪ مختلف، پُرتشدد ۽ جذباتي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي، فلم رومانس، ايڪشن ۽ هڪ غير روايتي ڪهاڻي تي آڌاريل آهي.
ڪائو بواءِ هيٽ، ڪاري گَنجي، ڳچيءَ ۾ چين ۽ جسم تي ٽيٽوز جي ڀرمار سان شاهد ڪپور کي ڪاوڙ، ڪروڌ سان ڀريل ڏيکاريو ويو آهي.
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ فريدا جلال، نانا پاٽيڪر، وڪرانت ميسي، ترپتي ڊمري، ديشا پٽاني، تمنا ڀاٽيا ۽ اويناش تيواري شامل آهن.
سوشل ميڊيا تي ٽيزر کي شاندار موٽ ملي رهي آهي، واهپيدار خاص طور تي فريدا جلال جي ڊائلاگ ۽ شاهد ڪپور جي وائلنٽ اداڪاري جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.
ڪيئي فلمي شوقينن کي شاهد ڪپور جي ڪردار کي فلم ” ڪميني “ سان ڀيٽي رهيا آهن، جيڪا پڻ وشال ڀردواج جي هدايتڪار ۾ ٺهي هئي.
واضح رهي ته ” او روميو “ جي ڪهاڻي وشال ڀردواج ۽ روهن ناروولا گڏجي لکي آهي، جڏهن ته ساجد ناڊياڊوالا پروڊيوسر آهي، فلم 13 فيبروري تي رليز ٿيندي.