ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلاول ڀٽو ڪراچي وارن سان ترقياتي ڪمن جو واعدو ڪيو هو، تارازي، بيٽ ۽ لغڙ نه رڳو بلاول ڪم ڪري رهيو آهي.
اورنگي ٽائون ۾ روڊ بحالي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي پٺ تي پيل ۽ نظرانداز ڪيل علائقن جي ترقي اسان جي پهرين ترجيح آهي، روڊن جي بحالي سان زندگي جو معيار بهتر ٿيندو.
هن چيو ته شهري ترقي لاءِ جديد، پائيدار ۽ معياري انفرا اسٽرڪچر ضروري آهي، سڄي شهر ۾ ترقياتي ڪم رفتار ۽ شفاف انداز ۾ جاري آهن، عوام سان ڪيل سمورا واعدا عملي قدمن ۽ زميني حقيقتن جي صورت ۾ پورا ڪيا پيا وڃن.
You might also like