ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت تحريڪ انصاف کي جلسي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڊي سي ايسٽ جلسي لاءِ اجازت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي آءِ جلسو ڪري سگهي ٿي پر شرطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته جلسي دوران قانون ۽ امن جي مڪمل ذميواري انتظاميا تي هوندي، چڙ ڏياريندڙ تقرير، مواد ۽ فرقيواراڻي گفتگو جي اجازت نه هوندي، ادارن خلاف ڪنهن قسم جي تقرير جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته جلسي دوران ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ به انتظاميا جي ذميواري آهي، پروگرام مقرر وقت کان اڳ ختم ڪرڻ لازمي هوندو، سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي اجازت نامو رد ڪرڻ جو اختيار ضلعي انتظاميا وٽ هوندو.
You might also like