راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ڇنڇر ڏينهن هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته عراق جي ايف – 17 ٿنڊر ويڙهاڪ جهازن ۽ سپر مشاق تربيتي جهازن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب پاڪستان فضائيا جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ايران جي سرڪاري دوري دوران عراقي فضائيا جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل اسٽاف پائلٽ مهند غالب محمد راضي الاسدي سان ملاقات ڪئي.
بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات دوران ٻه طرفي عسڪري سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ گڏيل تربيت، صلاحيت سازي ۽ عملي سهڪار کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته عراقي فضائيا جي سربراهه پاڪستان فضائيا جي پيشيوراڻي مهارت ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي ساراهيو، عالمي معيار جي تربيت مان فائدو کڻڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ جي ايف – 17 ٿنڊر ويڙهاڪ جهازن ۽ سپر مشاق تربيتي جهازن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب هن خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي به ساراهه ڪئي.
اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن ويجهڙ ۾ ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان کان ان جهاز جي خريداري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جن ۾ سعودي عرب، بنگلاديش، آذربائيجان ۽ اوڀر ليبيا شامل آهن.
پاڪستاني ويڙهاڪ جهاز جي ايف – 17 ٿنڊر جي هاڪَ، هڪ ٻئي ملڪ طرفان خريداري ۾ دلچسپي ظاهر
You might also like