آئرلينڊ به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم چونڊي ورتي

ڊبلن (ويب ڊيسڪ)آئرلينڊ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آئرش ٽيم جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر تجربيڪار اوپنر ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پال اسٽرلنگ ڪندو، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر لوڪران ٽڪر نائب ڪپتان هوندو.
ٻين رانديگرن ۾ مارڪ اڊيئر، ڪارٽس ڪيمفر، جارج ڊُڪريل، جوش ليٽل، بيري ميڪارٿي، هيري ٽيڪٽر، لورڪن ٽيڪٽر، بين وائٽ ۽ جارج ينگ شامل آهن.
عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ شامل 15 مان 12 رانديگر گذريل ايڊيشن جو به حصو هئا، جڏهن ٽِم ٽيڪٽر، بين ڪيلٽس ۽ ميوٿيو همفريز ڀيرو ميگا ايونٽ ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
واضح رهي ته آئرش ٽيم نائون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرڪت ڪري رهي آهي.
آئرلينڊ ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي 2009 ۽ 2022ع ۾ سامهون آئي، جڏهن ان ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ۽ اڳوڻي چيمپيئن ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ کي شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.