ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي.
ڇنڇر ڏينهن ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 4 لک 73 هزار 262 رپيا ٿي وئي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 172 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 5 هزار 745 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 37 ڊالر واڌ سان 4 هزار 509 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
You might also like