ايران جي صورتحال تي پرڏيهي کاتي پاڪستاني شهرين کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت پاڪستاني شهرين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اهي پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ حالتون بهتر ٿيڻ تائين ايران جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ٽريول ايڊوائزري موجب ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي چيو ويو آهي ته اهي انتهائي احتياط ڪن، چوڪس رهن.
بيان ۾ چيو ويو ته غير ضروري چرپر گهٽ ۽ پاڪستاني سفارتي مشنز سان باقاعدي طور رابطي ۾ رهو.
هوڏانهن ايران جي تازي صورتحال ۾ پاڪستاني سفارتخاني شهرين جي سهولت لاءِ ڪرائسس مينيجمينٽ يونٽ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
تهران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو چيو آهي ته پاڪستاني شهرين جي مدد لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.