سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي ٽيم خريد ڪندڙ حمزا مجيد چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ بابر اعظم کي شامل ڪرڻ جي خواهش آهي.
پي ايس ايل فرنچائز سيالڪوٽ جي مالڪ حمزا مجيد نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي پي ايس ايل ۾ ڪاميابي ملي ته ان جو جشن سڀ کان پهرين ميڊيا سان ملهائيندس.
هن چيو ته سيالڪوٽ نالي جي چونڊ ان ڪري ڪئي آهي ڇو ته ڪرڪيٽ جي حوالي سان سيالڪوٽ جا ماڻهو ڏاڍا جوشيلا آهن ۽ هو راند کي مس ڪري رهيا آهن.
حمزا مجيد چيو ته سيالڪوٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي حالت به ٺيڪ نه هئي، خواهش هئي ته اسٽيڊيم کي به بهتر ڪيو وڃي.
هن چيو ته في الحال اسان وٽ فيصل آباد واري اسٽيڊيم جو آپشن موجود آهي، جيڪو اسان جو ٻيو هوم گرائونڊ هوندو، پر سيالڪوٽ اسٽيڊيم کي بهتر ڪيو ويندو ۽ پي سي بي چيئرمين جي مڪمل سپورٽ حاصل آهي.
هن چيو ته مشاورت جاري آهي، ايندڙ هفتي آفيشل دستاويزن تي صحيحون ڪيون وينديون ۽ پنهنجي فرنچائز جي پوري نالي جو اعلان پڻ ڪيو ويندو.
هن چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين پليئرز ڊرافٽنگ وارو عمل مڪمل ڪيو ويندو، بابر اعظم کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش آهي.
سندس چوڻ هو ته ڇهه مان ست آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊرافٽنگ لاءِ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، اميد آهي ته ٽي کان چار اسان جي ٽيم ۾ شامل ٿيندا.
حمزا مجيد چيو ته پاڪستان جي موجوده پليئنگ اليون کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش آهي، اسان جو ڌيان ٽيلنٽ کي پليٽ فارم ڏيڻ تي آهي ۽ سيالڪوٽ جي ٻارن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم جو حصو بڻايو ويندو.
هن چيو ته سيالڪوٽ جو ڪپتان پاڪستاني هوندو، ميرٽ جي بنياد تي ڪوچ مقرر ڪيو ويندو، جيڪڏهن مقامي ڪوچ نه مليا ته پرڏيهي ڪوچز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، فرنچائز جي پليٽ فارم تان ٽيپ بال ڪرڪيٽ کي به پروموٽ ڪنداسين.
سيالڪوٽ جو ڪپتان پاڪستاني هوندو، بابر اعظم کي پنهنجي فرنچائز ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو: ٽيم مالڪ
You might also like