ٽريفڪ جام جي عذاب مان عوام جي جان ڇڏايو

سنڌ جا شهر اڄ جنهن خاموش عذاب مان گذري رهيا آهن، اهو عذاب ٽريفڪ جام جي صورت ۾ روزمرهه زندگي کي تڪليف ده بڻائي رهيو آهي. ڪراچي هجي يا حيدرآباد، سکر هجي يا لاڙڪاڻو، صبح جو آفيس وڃڻ هجي يا شام جو گهر موٽڻ هر سفر هڪ امتحان بڻجي چڪو آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊن تي ڦاٿل ماڻهو، هارن جو شور، دونهين سان ڀريل فضا، ۽ وقت کان اڳ ٿڪجي پوندڙ چهرا اهو سوال اٿارين ٿا ته ڇا سنڌ جا شهر واقعي هلندڙ شهر آهن يا رڳو بيٺل ڪنڪريٽ جا ڍير؟

ٽريفڪ جام هاڻي ڪنهن معمولي تڪليف جو نالو ناهي رهيو، بلڪه اهو هڪ اهڙو شهري بحران بڻجي ويو آهي، جيڪو معيشت، ماحول، صحت، تعليم ۽ سماجي سڪون تي سڌو ۽ گهرو اثر وجهي رهيو آهي. دير سان آفيس پهچندڙ ملازم، اسڪول پهچڻ کان اڳ ئي ذهني طور ٿڪجي پوندڙ شاگرد، ايمبولينس ۾ ڦاٿل مريض، ۽ واپار ۾ ٿيندڙ نقصان اهي سڀ ٽريفڪ جام جا اهي چهرا آهن، جيڪي انگن اکرن ۾ ماپي نٿا سگهجن، پر روز جي زندگيءَ ۾ محسوس ضرور ٿين ٿا.جيتوڻيڪ هي ڪو نئون مسئلو ناهي، پر ان باوجود حڪومتي سطح تي اڃا تائين ڪا اهڙي جامع، جديد ۽ پائيدار حڪمت عملي نظر نٿي اچي، جيڪا هن عذاب کي واقعي سنجيدگي سان منهن ڏئي سگهي.

سنڌ ۾ ٽريفڪ بحران کي اڪثر صرف گاڏين جي وڌندڙ تعداد سان ڳنڍيو وڃي ٿو، مسئلو رڳو اهو ناهي ته گاڏيون وڌي ويون آهن، پر اصل مسئلو اهو آهي ته شهر بغير ڪنهن سائنسي سوچ، بغير ڊيٽا، ۽ بغير مستقبل کي نظر ۾ رکندي وڌايا ويا آهن. روڊ ٺاهيا ويا، پر شهر جي ڍانچي کي سمجهڻ کان سواءِ. فلاءِ اوور ٺهيا، انڊر پاس ٺاهيا ويا، پر انهن جا اثر ڀرپاسي وارن علائقن تي ڇا پوندا، ان بابت اڳواٽ ڪا سنجيده رٿابندي نه ڪئي وئي. نتيجي ۾، هڪ هنڌ ٽريفڪ ٿوري دير لاءِ هلي ٿي، ته ٻئي هنڌ جام اڳ کان به وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪري ٿو.

ڪراچي جهڙي ميگا سٽي، جنهن جي آبادي ڪيترن ملڪن کان وڌيڪ آهي، اڄ به اهڙي ٽريفڪ مئنيجمينٽ سان هلائي پئي وڃي، جيڪا ڏهاڪن پراڻي سوچ تي بيٺل آهي. نوان رهائشي منصوبا، شاپنگ مال، پلازا ۽ مارڪيٽون ٺهنديون وڃن ٿيون، پر انهن لاءِ داخلا، نڪرڻ ۽ پارڪنگ بابت ڪا مربوط رٿابندي نظر نٿي اچي. نتيجو اهو نڪري ٿو ته روڊ، جيڪي اصل ۾ ٽريفڪ لاءِ ٺاهيا ويا هئا، اهي ئي پارڪنگ، واپار ۽ قبضي جي ور چڙهي وڃن ٿا، ۽ ٽريفڪ بچيل جاءِ ۾ ڦاسي پوي ٿي.

دنيا جا ڪيترائي شهر، جن جي آبادي ۽ گاڏين جو تعداد ڪراچي کان به وڌيڪ آهي، اڄ جديد ٽريفڪ نظام ذريعي بنا ڪنهن وڏي جام جي هلن ٿا. انهن شهرن ۾ ٽريفڪ کي رڳو ٽريفڪ پوليس جي هٿ ۾ نه ڇڏيو ويو، پر جديد ٽيڪنالاجي، ڊيٽا اينالائيٽڪس ۽ سمارٽ سسٽمن جي مدد سان منظم ڪيو ويو. اتي سگنلز مقرر وقت بدران حقيقي صورتحال مطابق هلن ٿا. ڪيمرا ۽ سينسر گاڏين جي تعداد، رفتار ۽ وهڪرن کي ماپي، سگنلز کي پاڻمرادو ترتيب ڏين ٿا. ان جي نتيجي ۾ نه رڳو ٽريفڪ رواني بهتر ٿئي ٿي، پر وقت ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ به نمايان گهٽتائي اچي ٿي.پر جديد ٽيڪنالاجي کي هتي اڃا تائين اضافي خرچ سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ اها ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري آهي، جيڪا شهرن کي قابلِ رهائش بڻائي سگهي ٿي.

ٽريفڪ جام جو هڪ وڏو ۽ اهم سبب سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ناڪامي به آهي. جڏهن بسون گهٽ، غير محفوظ، غير منظم ۽ وقت جي پابند نه هجن، ته شهري مجبور ٿي ذاتي گاڏين تي ڀاڙ ڪن ٿا. موٽر سائيڪل ۽ ڪار جو وڌندڙ استعمال رستن تي دٻاءُ وڌائي ٿو، جنهن جو نتيجو آخرڪار جام جي صورت ۾ نڪري ٿو. حڪومت طرفان بي آر ٽي جهڙا منصوبا ضرور شروع ڪيا ويا آهن، پر انهن جي رفتار، ڪوريج ۽ انتظام بابت ڪيترائي سوال اڄ به جواب طلب آهن. ڪجهه مخصوص رستن تي ته سهولت ملي ٿي، پر شهر جي وڏي آبادي اڃا به پراڻي، غير انساني ٽرانسپورٽ تي گذارو ڪرڻ تي مجبور آهي. ٽريفڪ قانونن جي حوالي سان به سنڌ ۾ صورتحال حيرت انگيز آهي. قانون موجود آهن، ضابطا لکيل آهن، پر انهن تي ايماندارانه ۽ بي خوف عملدرآمد نظر نٿو اچي. غلط پارڪنگ، سگنل ٽوڙڻ، ون وي جي ڀڃڪڙي، اوورلوڊنگ ۽ بي ترتيب يو-ٽرن روز جو معمول بڻجي چڪا آهن. ڪيترن لاءِ قانون رڳو ڪمزور ماڻهن لاءِ هوندو آهي، جڏهن ته بااثر ماڻهو روڊن کي پنهنجي مرضي سان استعمال ڪرڻ کي حق سمجهن ٿا. ٽريفڪ پوليس گهڻو ڪري وسيلن جي کوٽ، سياسي دٻاءَ ۽ محدود اختيارن هيٺ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي، جنهن سبب قانون جي بالادستي جو تصور ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو. روڊن تي غير قانوني پارڪنگ ۽ قبضا به ٽريفڪ جام کي وڌيڪ سنگين بڻائين ٿا. شهرن جي مکيه رستن تي ريڙها، دوڪانن جا وڌايل ٿلها، هوٽل ۽ عارضي اڏاوتون روڊ جو وڏو حصو ڳڙڪائي وڃن ٿيون. حڪومت وقت بوقت آپريشن ڪري ٿي، پر اهي آپريشن اڪثر عارضي ثابت ٿين ٿا. ڪجهه ڏينهن لاءِ روڊ صاف ٿين ٿا، پوءِ ساڳيا قبضا ٻيهر واپس اچي وڃن ٿا. بنا واضح پارڪنگ پاليسي، پارڪنگ پلازن ۽ مستقل نگراني جي، روڊن کي ٽريفڪ لاءِ خالي رکڻ هڪ خواب ئي رهندو. ٽيڪنالاجي  ۽ سهولتن کان سواءِ ٽريفڪ پوليس کان بهتر ڪارڪردگي جي اميد رکڻ غير حقيقي آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي ٽريفڪ سڌارڻ چاهي ٿي ته کيس ٽريفڪ پوليس کي بااختيار، باوسيلو ۽ باوقار بڻائڻو پوندو، ڇو ته بغير مضبوط نفاذ واري اداري جي، بهترين قانون به ڪاغذن تائين محدود رهجي وڃن ٿا.

سنڌ ۾ ٽريفڪ سڌارن بابت سڀ کان وڏي کوٽ سياسي عزم جي آهي. منصوبا ايندا وڃن ٿا، اعلان ٿيندا وڃن ٿا، پر تسلسل، نگراني ۽ جوابدهي ناپيد آهي. ٽريفڪ نظام سڌارڻ ڪو فوري سياسي فائدو حاصل ڪرڻ وارو منصوبو ناهي، پر اهو ڊگهي مدي ۾ عوامي سڪون، معاشي بهتري ۽ شهري ترقي جي ضمانت آهي. اهو اهڙو ڪم آهي، جنهن جا نتيجا شايد فوري نظر نه اچن، پر وقت سان گڏ شهرن کي ٻيهر ساهه ڏئي سگهن ٿا.

سنڌ اڄ جنهن ٽريفڪ بحران مان گذري رهي آهي، اهو رڳو روڊن جو مسئلو ناهي، پر حڪمراني، منصوبابندي ۽ اجتماعي ذميواري جو امتحان آهي. جديد ٽريفڪ نظام ڪو ناممڪن خواب ناهي، پر ان لاءِ ايماندار نيت، جديد سوچ ۽ مستقل پاليسي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اڄ سنجيده قدم نه کنيا ويا، ته سڀاڻي ٽريفڪ جام رڳو تڪليف نه، پر شهرن جي مڪمل مفلوجي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.