روس پاران يورپ لاءِ خطرو سمجهو ويندڙ ’اوريشنيڪ‘ ميزائل جو ٻيهر استعمال

روس خميس جي رات يوڪرِين تي ڪيل حملن دوران ’اوريشنيڪ‘ ميزائل پڻ استعمال ڪيو، جنهن سبب ڪيئِو ۾ چار ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿيا آهن۔ روس هي ’اوريشنيڪ‘ نالي ميزائل ٻي ڀيري استعمال ڪيو آهي۔ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ دنيپرو شهر تي حملي دوران هن ميزائل جو استعمال ڪيو ويو هو۔ روس جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل رات واري ڪارروائي، ڊسمبر ۾ يوڪرِين طرفان صدر پوتن جي گهر تي ڪيل ڊرون حملي جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي۔ يوڪرِين اهڙي ڪنهن به حملي ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪري چڪو آهي۔ روس جي دفاع واري وزارت اهو واضح نه ڪيو آهي ته خميس جي رات ڪيل حملي ۾ ’اوريشنيڪ‘ جو اصل نشانو ڇا هو۔ بهرحال، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ يوڪرِين جي اولهندي شهر ليوِو جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي ڌماڪا ڏسي سگهجن ٿا۔ يوڪرِين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي ۽ ٻين عملدارن تصديق ڪئي آهي ته پولينڊ جي سرحد کان لڳ ڀڳ 60 ڪلوميٽر پري هڪ بيلسٽڪ ميزائل سان حملو ڪيو ويو آهي۔

يوڪرِين جي پرڏيهي وزير اندري سيبيا جو چوڻ آهي ته، يورپي يونين ۽ نيٽو جي سرحد جي ويجهو ٿيل هي حملو نه رڳو يورپ جي براعظم لاءِ وڏو خطرو آهي، پر ٽرانس ائٽلانٽڪ ڪميونٽي لاءِ به هڪ وڏو امتحان آهي۔ ان کان اڳ نومبر 2024ع ۾ دنيپرو شهر تي ٿيل فضائي حملي ۾ ’اوريشنيڪ‘ ميزائل جي استعمال جي تصديق خود روسي صدر وولوديمير پوتن ڪئي هئي۔ ان حملي ۾ استعمال ٿيل ميزائل ايترو طاقتور هو جو ان کان پوءِ يوڪرِين جي عملدارن چيو هو ته هن ميزائل ۾ بين البر اعظمي ميزائل جون سموريون خاصيتون موجود هيون۔ پر مغربي عملدارن يوڪرِين جي ان دعويٰ کي فوري طور رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته جيڪڏهن بين البر اعظمي ميزائل استعمال ٿئي ها ته آمريڪا ۾ فوري طور نيوڪليئر الرٽ جاري ٿي وڃي ها۔ ان حملي کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ صدر پوتن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته روس يوڪرِين تي حملي دوران هڪ نئون ’درمياني فاصلي‘ وارو ميزائل استعمال ڪيو، جنهن جو ڪوڊ نالو ’اوريشنيڪ‘ آهي۔ روسي ٻوليءَ ۾ ’اوريشنيڪ‘ لفظ هيزل وڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي۔

صدر پوتن موجب، هي هٿيار ٽي ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان پنهنجي نشاني تائين پهتو ۽ في الحال ان کي روڪڻ جو ڪو به طريقو موجود ناهي۔ هن وڌيڪ چيو ته دنيپرو ۾ روسي حملي دوران هڪ فوجي صنعتي مرڪز کي نشانو بڻايو ويو هو۔ هن ميزائل حملي کي هن ’ڪامياب‘ تجربو قرار ڏنو، ڇو ته سندن چوڻ موجب هدف پورو ٿي ويو هو۔ پنهنجي تقرير کان هڪ ڏينهن پوءِ دفاعي عملدارن سان ڳالهائيندي صدر پوتن چيو هو ته هن ميزائل جا تجربا جاري رهندا، جنهن ۾ جنگي حالتون به شامل هونديون۔ صدر پوتن هن هٿيار بابت ڪجهه وضاحتون ڏنيون آهن، پر اڃا تائين پڪ سان ڪو به نٿو ڄاڻي ته آخر هي هٿيار اصل ۾ ڇا آهي۔ يوڪرِين جي انٽيليجنس عملدارن جو خيال آهي ته هي بين البر اعظمي ’سيڊر‘ ميزائل جي هڪ قسم ٿي سگهي ٿو۔

بي بي سي ويري فاءِ دنيپرو تي حملي کان پوءِ ان جي وڊيو جو جائزو ورتو هو، جنهن جي جاچ يوڪرِين جي عملدارن جي اندازن سان ملي ٿي۔ جيڪڏهن صدر پوتن طرفان ٻڌايل ميزائل جون خاصيتون درست آهن ته ’اوريشنيڪ‘ ميزائل کي هائپرسونڪ ميزائلن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو۔ ڪنهن به ميزائل جي رفتار ان لاءِ اهم هوندي آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ جيتري وڌيڪ رفتار هوندي، اوترو ئي جلد اهو پنهنجو هدف حاصل ڪندو۔ جيڪڏهن ميزائل انتهائي تيزيءَ سان هدف تائين پهچي وڃي، ته مخالف فوج وٽ ردعمل ڏيڻ لاءِ وقت تمام گهٽ بچندو آهي۔ بيلسٽڪ ميزائل پهرين هيٺان مٿي ۽ پوءِ مٿي کان هيٺ واري رخ ۾ حرڪت ڪندو آهي۔ جڏهن اهو هيٺ لهي رهيو هوندو آهي ته ان جي رفتار وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي ۽ اهو پنهنجو بچاءُ ڪندي هدف ڏانهن وڌندو آهي۔ انهيءَ سبب ميزائل مخالف دفاعي نظام لاءِ ان کي هوا ۾ ئي تباهه ڪرڻ ڪافي مشڪل بڻجي ويندو آهي۔

فوجي معاملن جي هڪ ٻئي ماهر دمتري ڪورنو نومبر 2024ع ۾ روسي اخبار کي ٻڌايو هو ته ’اوريشنيڪ‘ ٺاهڻ جي بنياد شايد مختصر فاصلي تائين مار ڪندڙ ’اسڪندر‘ ميزائل هجي۔ اسڪندر ميزائل جو انجڻ وڏو هوندو آهي ۽ ان جو تجربو گذريل بهار ۾ ڏکڻ روس ۾ ڪيو ويو هو۔ دمتري جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي ’اوريشنيڪ‘ اهو ئي ميزائل هجي۔ فوجي ماهر ولاديسلاو شوريگن دنيپرو تي حملي کان پوءِ روسي اخبار کي ٻڌايو هو ته ’اوريشنيڪ‘ ميزائل ڪنهن به جديد ميزائل دفاعي نظام کي چڪما ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ هن موجب، نيوڪليئر وار هيڊ استعمال ڪرڻ کان سواءِ به ’اوريشنيڪ‘ ميزائل ڪنهن به محفوظ بنڪر کي تباهه ڪري سگهي ٿو۔ هڪ ٻئي روسي تجزيه نگار ايگور ڪوروچينڪو طاس نيوز ايجنسي کي ٻڌايو هو ته ’اوريشنيڪ‘ ميزائل ڪيترائي وار هيڊ کڻي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ۽ اهي سڀ وار هيڊ هڪ ئي وقت پنهنجي هدف ڏانهن وڌن ٿا، جنهن سبب هي ميزائل انتهائي اثرائتو هٿيار سمجهيو وڃي ٿو۔ سب لائن نالي ڪمپني جي سي اي او جسٽن ڪرمپ بي بي سي ويري فاءِ کي ٻڌايو هو ته هي ميزائل يوڪرِين جي دفاعي نظام لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي سگهي ٿو۔ هن موجب، روس جا مختصر فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل هن تڪرار ۾ يوڪرِين لاءِ اڳ ئي خطرو بڻيل آهن۔ ۽ برق رفتاري ۽ وڌيڪ جديد هٿيار يوڪرِين لاءِ انهن خطرن جي شدت کي وڌيڪ وڌائيندا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.