گهوٽڪي پوليس جو ڏوهارين سان ڪاروبار ڪندڙ واپارين خلاف ايڪشن، ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير )گهوٽڪي پوليس جو ڏوهارين سان ڪاروبار ڪندڙ واپارين خلاف سخت ايڪشن، ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو ويو، گهوٽڪي پوليس ڪچي جي علائقي ۾ سرگرم گهربل دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن سان ڪاروبار، مالي ڏيتي ليتي ۽ سهولتڪاري ڪندڙ واپارين خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پوليس موجب اهڙن عنصرن سان ڪنهن به قسم جو لاڳاپو ناقابلِ برداشت هوندو ۽ قانون موجب بنا رعايت ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليس پڌرائي موجب، ڏوهارين سان ڪاروبار ڪندڙ واپارين کي ٻن ڏينهن جو  الٽيميٽم ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي سمورن ڪاروباري ۽ مالي ٽرانزيڪشنن جو مڪمل رڪارڊ، ثبوتن سميت، ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي ۾ جمع ڪرائين. ٻي صورت ۾ انهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ ۽ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران چيو آهي ته ڪچي جي گهربل ڏوهارين جي سهولتڪاري ڪندڙ واپارين جا بئنڪ اڪائونٽ سيل ڪيا ويندا، قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا ۽ معاملا وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪيا ويندا. پوليس کي اهڙن واپارين بابت ڊيٽا مختلف ذريعن وسيلي حاصل ٿي چڪي آهي، پوليس موجب جيڪڏهن ٻن ڏينهن کان پوءِ به ڪنهن شخص جي ڏوهارين سان مالي ڏيتي ليتي يا ڪاروباري لاڳاپن جو انڪشاف ٿيو ته سندس اڪائونٽ قانون موجب ضبط ڪيا ويندا ۽ سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، پوليس جو چوڻ آهي ته موجودا آپريشن جو مقصد ڪچي جي علائقي ۾ قانون جي بالادستي قائم رکڻ ۽ ڌاڙيلن جي سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو آڻڻ آهي، جڏهن ته ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.